اسلام آباد - 09 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لاڳاپيل عملدارن کي بين الصوبائي ۽ بين الوزارتي رابطن کي موثر بڻائڻ، فيول سبسڊي اسڪيم تي عملدرآمد کي بهتر انداز ۾ يقيني بڻائڻ، وسيلن جي موثر ورڇ ۽ عوامي آگاهي جي لاءِ هڪ جامع مهم هلائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت وزيراعظم جي هدايتن موجب معاشري جي مستحق طبقن کي ٽارگيٽيڊ …
حڪومت معاشري جي مستحق طبقن کي ٽارگيٽيڊ بنيادن تي ٻارڻ ۾ ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ پُرعزم آهي: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لاڳاپيل عملدارن کي بين الصوبائي ۽ بين الوزارتي رابطن کي موثر بڻائڻ، فيول سبسڊي اسڪيم تي عملدرآمد کي بهتر انداز ۾ يقيني بڻائڻ، وسيلن جي موثر ورڇ ۽ عوامي آگاهي جي لاءِ هڪ جامع مهم هلائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت وزيراعظم جي هدايتن موجب معاشري جي مستحق طبقن کي ٽارگيٽيڊ بنيادن تي ٻارڻ ۾ ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ پُرعزم آهي. جمعي ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ فيول سبسڊي اسڪيم بابت قومي اسٽيئرنگ ڪميٽي ۽ فيول سبسڊي اسڪيم بابت ميڊيا مئنيجمينٽ ڪميٽي جو گڏي لاجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ٽارگيٽيڊ فيول سبسڊي اسڪيم تي عملدرآمد جي صورتحال، مستحقين جي نشاندهي جي طريقيڪار ۽ ان تي عملدرآمد جي حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته حڪومت وزيراعظم جي هدايتن موجب معاشري جي مستحق طبقن کي ٽارگيٽيڊ بنيادن تي ٻارڻ ۾ ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن عام شهرين کي وڌ کان وڌ ريليف ڏئي سگهجي. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته بين الصوبائي ۽ بين الوزارتي رابطن کي موثر بڻايو وڃي، اسڪيم تي عملدرآمد کي بهتر انداز ۾ يقيني بڻايو وڃي، وسيلن جي موثر ورڇ ڪئي وڃي ۽ عوامي آگاهي جي لاءِ هڪ جامع مهم هلائي وڃي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير صوبائي حڪومتن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير (اي جي ڪي) ۽ گلگت بلتستان (جي بي) پاران تعاون ۽ تجويزن کي ساراهيو. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي، پيٽروليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وارن وزيرن، ناڻي واري مملڪتي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه جڏهن ته صوبائي حڪومتن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.










