صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي اقبال ڪيمپس ۾ هاسٽل ۽ اسپورٽس ڪامپليڪس جو افتتاح

ڪراچي-09 آڪٽوبر (اي پي پي)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي اقبال ڪيمپس ۾ شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽل ۽ اسپورٽس ڪامپليڪس جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر قاسم سراج سومرو ۽ گهنور خان اسراڻ پڻ ساڻس گڏ هئا. وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين حسين ۽ يونيورسٽي جي ٻين عملدارن سينيئر وزير …

ڪراچي-09 آڪٽوبر (اي پي پي)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي اقبال ڪيمپس ۾ شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽل ۽ اسپورٽس ڪامپليڪس جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر قاسم سراج سومرو ۽ گهنور خان اسراڻ پڻ ساڻس گڏ هئا. وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين حسين ۽ يونيورسٽي جي ٻين عملدارن سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي آجيان ڪئي ۽ کيس اسپورٽس ڪمپليڪس، شاگردن جي هاسٽلن، آڊيٽوريم ۽ ٻين موجود سهولتن جو دورو ڪرايو. ان موقعي تي مهمانن کي يونيورسٽي ۾ شاگردن لاءِ فراهم ڪيل سهولتن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.بعد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته دائود يونيورسٽي جي ميزبانيءَ ۾ هتي اچڻ سندس لاءِ خوشيءَ جو سبب آهي. يونيورسٽي انتظاميا پاران شاگردن لاءِ فراهم ڪيل سهولتون ڏسي کيس خوشي ٿي آهي. تقريب ۾ شرڪت کان اڳ هن يونيورسٽي جي اسپورٽس ڪمپليڪس جو دورو ڪري راندين جي سهولتن جو جائزو ورتو، جڏهن ته شاگردن جي هاسٽل جا ڪمرا ۽ شاندار آڊيٽوريم پڻ ڏٺا. هن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا شاگردن جي خدمت لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ کين سازگار ماحول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بهترين سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. شاگردن جو حق آهي ته کين تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ معياري سهولتون ميسر هجن، جڏهن ته اسپورٽس ڪمپليڪس جو قيام شاگردن کي راندين جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته دائود يونيورسٽي جا شاگرد مستقبل جا انجنيئر آهن ۽ کين ايندڙ وقت ۾ ملڪ جي تعمير ۽ ترقيءَ جي ذميواري سنڀالڻي آهي. انجنيئر ملڪ جي بهتر مستقبل جي تعمير ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا، تنهن ڪري نوجوانن کي پنهنجي فني صلاحيتن ۽ قابليت کي وڌائڻو پوندو. هن چيو ته آءِ ٽي، پيٽروليم ۽ ٻين شعبن ۾ نوجوان انجنيئر پنهنجي صلاحيتن ذريعي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا. شاگردن کي گهرجي ته اهي سرڪاري نوڪرين تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪن ۽ پنهنجي ڪاميابيءَ جا رستا پاڻ ڳولين. نوجوان جنهن به شعبي ۾ مهارت حاصل ڪندا، ان شعبي ۾ کين ملڪ اندر توڙي عالمي سطح تي روزگار ۽ ترقيءَ جا موقعا ملي سگهن ٿا.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پنهنجي مستقبل جو رستو پاڻ چونڊڻو پوندو ۽ پنهنجن مقصدن جي حاصلات لاءِ محنت ڪرڻي پوندي. سٺي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ انگريزي ٻوليءَ تي عبور حاصل ڪرڻ پيشورانه ترقيءَ لاءِ اهم آهي، پر شاگردن کي پنهنجي توجهه رڳو ڊگري يا ٻوليءَ تائين محدود نه رکڻ گهرجي، پر کين عملي، فني ۽ پيشورانه مهارتون پڻ وڌائڻ گهرجن. هن چيو ته اسان جا شاگرد باصلاحيت آهن ۽ جيڪڏهن کين مناسب موقعا فراهم ڪيا وڃن ته اهي ملڪ اندر توڙي عالمي سطح تي پنهنجي صلاحيتن جو لوها مڃرائي سگهن ٿا. انساني وسيلن جي ترقيءَ لاءِ نوجوانن کي تيار ڪرڻ ۽ سندن صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.هن چيو ته پاڪستان کي محفوظ ۽ خودمختيار بڻائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. اسان کي خود انحصاريءَ ڏانهن وڌڻو پوندو ۽ ان مقصد لاءِ نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن تي ڀروسو ڪندي ملڪ جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. مستقبل جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ ضروري آهي ته شاگرد جديد علمن، تحقيق، جدت ۽ عملي مهارتن سان ليس هجن، جيئن اهي عالمي ضرورتن ۾ ايندڙ تبديلين جو مقابلو ڪري سگهن.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت گذريل 18 سالن دوران تعليم جي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو آهي ۽ صوبي جي مختلف شهرن ۾ ڪيتريون ئي نيون سرڪاري يونيورسٽيون قائم ڪيون ويون آهن. ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ اعليٰ تعليمي ادارن جو قيام اعليٰ تعليم جي واڌاري لاءِ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي يونيورسٽين کي مجموعي طور 48 ارب رپين جي گرانٽ فراهم ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي کي سنڌ حڪومت پاران 1.8 ارب رپين جي گرانٽ ڏني وئي آهي. يونيورسٽين ۾ سيڙپڪاريءَ جو مقصد شاگردن کي معياري تعليم، جديد سهولتون ۽ تحقيق جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت هلندڙ سال 1,100 نوان اسڪول قائم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جن مان 600 اسڪول ڊسمبر تائين مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مارچ تائين سمورا 1,100 اسڪول قائم ڪرڻ جو هدف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ کين تعليم ۽ روزگار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي. عورتن لاءِ پنڪ بس سروس شروع ڪئي وئي آهي ۽ مفت پنڪ اسڪوٽيون فراهم ڪرڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي. ملازمت ڪندڙ عورتن ۽ ڪاليجن توڙي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگردياڻين کي مفت اسڪوٽيون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، جيئن کين اچ وڃ دوران پيش ايندڙ ڏکيائين کان ڇوٽڪارو ملي سگهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران عورتن لاءِ گرلز ڪيڊٽ ڪاليجن جو قيام پڻ تعليم جي شعبي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، جڏهن ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پاليسيءَ جو حصو آهي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته دائود يونيورسٽي جي شاگردن، استادن ۽ عملي کي اچ وڃ جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ بس سروس شروع ڪرڻ جي امڪانن تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي. تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، جيئن اهي تعليم، تحقيق ۽ عملي تربيت تي ڀرپور ڌيان ڏئي سگهن.تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ حڪومت جي ترجمان گهنور خان اسراڻ چيو ته اسان کي صوبائي سرحدن کان اڳتي وڌي سوچڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته هي رڳو صوبن جو نه، پر سڄي پاڪستان جو معاملو آهي. سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر قاسم سراج سومرو چيو ته ڪراچيءَ جي مرڪز ۾ واقع تاريخي عمارت ۾ دائود يونيورسٽي جهڙي اهم تعليمي اداري جو قيام خاص اهميت رکي ٿو. سنڌ حڪومت جي خواهش آهي ته شاگردن کي فراهم ڪيل تعليمي سهولتن جا بهترين نتيجا سامهون اچن. هن چيو ته هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي فنڊنگ بند ٿيڻ کان پوءِ سنڌ حڪومت سرڪاري شعبي جي يونيورسٽين کي نمايان مالي سهائتا فراهم ڪئي، ڇاڪاڻ ته يونيورسٽين ۾ سيڙپڪاريءَ جو بنيادي مقصد شاگردن کي معياري تعليم ۽ تحقيق جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽين جو بنيادي مقصد تحقيق ذريعي ملڪي وسيلن جي قدر ۾ اضافو ڪرڻ آهي، جڏهن ته نئين نسل کي مستقبل جي ضرورتن مطابق تحقيق، جدت ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻو پوندو.تقريب کي دائود انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين حسين پڻ خطاب ڪيو. 

مزید خبریں