ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سان هالينڊ جي ڪاروباري وفد جي ملاقات، ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ هالينڊ جي ڪاروباري برادرين وچ ۾ مسلسل رابطن سان منافعي بخش سيڙپڪاري جي موقعن جي نشاندهي، ڀائيواري جي قيام ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي ۾ مدد ملندي. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن فائونڊرز ڪاربن نيٽ ورڪ (ايف سي اين) جي قيادت ۾ پاڪستان جي دوري تي آيل هالينڊ جي ڪاروباري …

اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ هالينڊ جي ڪاروباري برادرين وچ ۾ مسلسل رابطن سان منافعي بخش سيڙپڪاري جي موقعن جي نشاندهي، ڀائيواري جي قيام ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي ۾ مدد ملندي. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن فائونڊرز ڪاربن نيٽ ورڪ (ايف سي اين) جي قيادت ۾ پاڪستان جي دوري تي آيل هالينڊ جي ڪاروباري وفد جي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي چئي. پاڪستان ۾ نيڌرلينڊ جي سفير رابرٽ جان سيگرٽ به وفد سان گڏ موجود هو. وفد جي آجيان ڪندي ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ دلچسپي وٺڻ تي وفد جي ميمبرن کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري وچ ۾ رابطا مضبوط بڻائن، گڏيل افهام و تفهيم کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻطرفي اقتصادي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ جي ڪاروباري برادرين وچ ۾ مسلسل رابطن سان لاڀائتي سيڙپڪاري جي موقعن جي نشاندهي، ڀائيواري جي قيام ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي ۾ مدد ملندي، ناڻي واري وفاقي وزير پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ مجموعي معاشي منظر نامي جو ذڪر ڪندي معاشي استحڪام جي ثمرن کي پيداواري سيڙپڪاري، سيڙپ سازي، روانگي واپار ۾ واڌ ۽ نجي شعبي جي اڳواڻي ۾ ترقي ۽ اوسر ۾ تبديل ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي ايندڙ مرحلي ۾ روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ، پيداواري صلاحيت ۾ واڌ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ کي بنيادي اهميت حاصل هجڻ گهرجي، ان مقصد لاءِ مسلسل ڍانچاجاتي سڌارن ۽ نجي سرمائي کي وڌ کان وڌ متحرڪ ڪرڻ ضروري آهي. حڪومت جي اقتصادي ترجيحن جو ذڪر ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته مجموعي معاشي استحڪام کي مستحڪم بڻائڻ، مالياتي ۽ ٻاهرين شعبن جون مشڪلاتون برداشت ڪرڻ جي صلاحيت وڌائڻ، پائيدار، جامع ۽ ذميوارڻي ترقي طرف اڳڀرائي ڪرڻ ۽ عملي نتيجن تي ٻڌل سڌارن جو تسلسل برقرار رکڻ حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي. هن امداد تي ڀاڙڻ بدران واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن، زراعت، رهائش ۽ مالي سهولتن کان محروم طبقن لاءِ قرضن تائين پهچ وڌائڻ ۽ ڊجيٽلائيزيشن ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي نئين معيشت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو. ناڻي واري وزير پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ ٻاهرين مالي پوزيشن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا تاريخ جي بلند ترين سطح 21.4 ارب ڊالرن تائين پهچي چڪا آهن جيڪي ٽن مهينن کان وڌيڪ جي آمدني واپار لاءِ ڪافي آهن، انهن ڪاميابين کي برقرار رکڻ ۽ ٻاهرين معاشي جهٽڪن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت وڌائڻ، سيڙپڪارن جي اعتماد کي مضبوط بڻائڻ ۽ پائيدار اقتصادي ترقي جي بنياد تي دارمدار ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، وفاقي وزير وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديلي کي پاڪستان کي درپيش 2 وجودي چئلينجز قرار ڏيندي چيو ته انهن جا اثر اقتصادي پائيداري، انساني ترقي ۽ ڊگهي مدي واري لچڪ تي پون ٿا، انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلسل پاليسي ڌيان ۽ جامع سڌارن جي اهميت ضروري آهي. پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ وچ ۾ اقتصادي تعاون جي امڪانن تي روشني وجهندي ناڻي واري وزير چيو ته نيڌرلينڊ مهارت، ٽيڪنالاجي ۽ سيڙپڪاري پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن جي تڪميل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ڀائيوارين کي نجي سرمايو متحرڪ ڪرڻ، خاص ڪري مهارت مان فائدو کڻڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي کي قابل عمل واپاري ۽ ڪاورباري منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ جو اهم ذريعو قرار ڏنو. وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ڀائيواري ذريعي معيشت ۾ نجي شعبي جي شرڪت وڌائڻ جي حڪومتي عزم کي ورجايو. هن چيو ته انهن مقصد ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ، سيڙپڪاري راغب ڪرڻ ۽ واپاري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ نجي اداري لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر مجموعي معاشي استحڪام برقرار رکڻ، ٻاهرين شعبي جون مشڪلاتون برداشت ڪرڻ جي صلاحيت مضبوط بڻائڻ ۽ مالياتي شعبي ۾ سڌارن کي پيداواري اقتصادي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ سان هم آهنگ ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هالينڊ وفد جي ميمبرن پاڪستان ۾ ڪاروباري ماحول ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي امڪانن جي حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. خيالن جي ڏي وٺ ۾ ڪاروباري ادارن وچ ۾ سڌي ريت رابطا مضبوط بڻائڻ، گڏيل دلچسپي جي شعبن جي نشاندهي ۽ پاڪستاني ۽ هالينڊجي ڪمپنين وچ ۾ قابل عمل واپاري ڀائيوارين جي قيام جي موقعن کي اجاگر ڪيو ويو. ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجهن ڪاروباري رابطن کي سيڙپڪاري، واپار ۽ ڊگهي مدي واري اقتصادي حصيدارين ۾ تبديل ڪرڻ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير عالمي سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ نجي شعبي جي شرڪت کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي حوالي سان حڪومت جي عزم کي ورجايو.

مزید خبریں