اروشا/تنزانيه-09 آڪٽوبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، جيڪو بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) جي 153 هين اسيمبلي ۾ پاڪستاني پارلياماني وفد جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، آسٽريلوي پارليامينٽ جي اسپيڪر ملٽن ڊڪ کي آءِ پي يو جو صدر چونڊجڻ تي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ان اعتماد جوا ظهار ڪيو ته ملٽن ڊڪ جي اڳواڻي ۾ آءِ پي يو بين الپارلياماني تعاون …
سيد يوسف رضا گيلاني پاران آءِ پي يو جي نئين چونڊيل صدر ملٽن ڊڪ کي مبارڪون

مزید خبریں
اروشا/تنزانيه-09 آڪٽوبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، جيڪو بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) جي 153 هين اسيمبلي ۾ پاڪستاني پارلياماني وفد جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، آسٽريلوي پارليامينٽ جي اسپيڪر ملٽن ڊڪ کي آءِ پي يو جو صدر چونڊجڻ تي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ان اعتماد جوا ظهار ڪيو ته ملٽن ڊڪ جي اڳواڻي ۾ آءِ پي يو بين الپارلياماني تعاون کي هٿي ڏيڻ، جمهوري قدرن جي استحڪام ۽ قومن وچ ۾ ڳالهين ۽ گڏيل افهام و تفهيم کي مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکندي. هن گڏيل عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، امن کي هٿي وٺرائڻ ۽ گڏيل احترام ۽ تعميري رابطن ذريعي ملڪن وچ ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ پارلياماني سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڀريو.










