ڪراچيءَ جي تاريخي برنس روڊ جي روايتي سڃاڻپ ۽ ثقافتي اهميت برقرار رکندي علائقي جي بحالي، خوبصورتي ۽ بنيادي سهولتن جي بهتريءَ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: چيف سيڪريٽري سنڌ

ڪراچي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه چيو آهي ته ڪراچيءَ جي تاريخي برنس روڊ جي روايتي سڃاڻپ ۽ ثقافتي اهميت برقرار رکندي علائقي جي بحالي، خوبصورتي ۽ بنيادي سهولتن جي بهتريءَ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته منصوبي جو مقصد فوڊ اسٽريٽ کي وڌيڪ منظم، پيادل هلندڙن لاءِ سازگار ۽ شهرين لاءِ پرڪشش بڻائڻ آهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن برنس روڊ ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن …

ڪراچي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه چيو آهي ته ڪراچيءَ جي تاريخي برنس روڊ جي روايتي سڃاڻپ ۽ ثقافتي اهميت برقرار رکندي علائقي جي بحالي، خوبصورتي ۽ بنيادي سهولتن جي بهتريءَ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته منصوبي جو مقصد فوڊ اسٽريٽ کي وڌيڪ منظم، پيادل هلندڙن لاءِ سازگار ۽ شهرين لاءِ پرڪشش بڻائڻ آهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن برنس روڊ ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن جي بحالي ۽ خوبصورتيءَ جي تجويز ڪيل منصوبي جو جائزو وٺڻ لاءِ پنهنجي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس دوران نامياري ماهرِ تعميرات ياسمين لاري برنس روڊ جي بحاليءَ لاءِ تجويز ڪيل ماڊل پيش ڪيو، جنهن ۾ فٽ پاٿن جي بحالي، ڀرپاسي وارين گهٽين ۽ رستن جي بهتري، پيادل هلندڙن لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي ۽ تاريخي علائقي جي اصل سڃاڻپ برقرار رکڻ تي ڌيان ڏنو ويو. چيف سيڪريٽري چيو ته برنس روڊ ڪراچيءَ جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جو اهم حصو آهي، جنهن جي بحاليءَ دوران ان جي روايتي ماحول ۽ کاڌن جي سڃاڻپ کي هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو. هن چيو ته منصوبي جو مقصد رڳو علائقي جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪرڻ نه، پر عوامي سهولتن کي بهتر بڻائڻ، پيادل هلندڙن جي اچ وڃ آسان ڪرڻ ۽ شهري ماحول کي وڌيڪ منظم بڻائڻ پڻ آهي.آصف حيدر شاهه ٻڌايو ته ڪراچيءَ جو ميئر ۽ لاڳاپيل ميونسپل ٽائون انتظاميا تجويز ڪيل منصوبي سان متفق آهن، جڏهن ته مقامي رهواسين ۽ واپاري برادري سميت ٻين لاڳاپيل ڌرين کي پڻ اعتماد ۾ ورتو ويو آهي. هن چيو ته سڀني ڌرين جي سهڪار سان برنس روڊ جي تاريخي سڃاڻپ برقرار رکندي ان کي وڌيڪ بهتر ۽ شهرين لاءِ سهولتن وارو بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ، ميونسپل ڪمشنر ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. 

مزید خبریں