شهري مفت قانوني رهنمائي لاءِ گهر ويٺي سپريم ڪورٽ جي 1818 ليگل ڪال سينٽر تي رابطو ڪري قانوني مشورو حاصل ڪري سگهن ٿا: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي

اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته شهرين کي مفت قانوني رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت اچڻ يا مشاورتي خرچ برداشت ڪرڻ جي ضرورت ناهي، هو گهر ويٺي سپريم ڪورٽ جي 1818 ليگل ڪال سينٽر تي رابطو ڪري قانوني مشورو حاصل ڪري سگهن ٿا، ڪال سينٽر ذريعي مشڪلاتن جو شڪار ۽ ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي قانوني مدد جي فراهمي …

اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته شهرين کي مفت قانوني رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت اچڻ يا مشاورتي خرچ برداشت ڪرڻ جي ضرورت ناهي، هو گهر ويٺي سپريم ڪورٽ جي 1818 ليگل ڪال سينٽر تي رابطو ڪري قانوني مشورو حاصل ڪري سگهن ٿا، ڪال سينٽر ذريعي مشڪلاتن جو شڪار ۽ ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي قانوني مدد جي فراهمي ۾ به سهولت ملندي. سپريم ڪورٽ پاران جاري پڌرائي موجب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ جمعي ڏينهن چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريدي جي موجودگي ۾ 1818 ليگل ڪال سينٽر جي سروس جو باضابطه افتتاح ڪيو ويو، ڪال سينٽر جي خدمتن جي شروعات پهرين ڪالر محمد سليم جي ڪال ذريعي ٿي. ان موقعي تي چيف جسٽس بار نمائندن سان مشاورتي ملاقات به ڪئي جنهن ۾ مستحق شهرين کي مفت قانوني مشورو ۽ قانوني مدد فراهم ڪرڻ لاءِ گڏيل طريقيڪار تي اتفاق ڪيو ويو. 1818 ليگل ڪال سينٽر ذريعي وڪيل، سائلين ۽ عام شهري ڪيسن جي موجوده صورتحال، ٻڌڻي جي تاريخن، ڪاز لسٽ، ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيڻ، ڪيسن ۽ درخواستن جي داخلا، فائلنگ جا اعتراض ختم ڪرڻ ۽ عدالتي فيصلن ۽ حڪمن جي تصديق ٿيل نقل حاصل ڪرڻ بابت رهنمائي حاصل ڪري سگهندا.

مزید خبریں