اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن گهرو وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير وقت سر ڪارروائي دوران 7 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پختي عزم ۽ اعليٰ پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. محسن نقوي چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن گهرو وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير وقت سر ڪارروائي دوران 7 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پختي عزم ۽ اعليٰ پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. محسن نقوي چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن دشمن ڌرين کي خبردار ڪندي واضح ڪيو ته خوارجين کي ملڪ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ لڪڻ جي جڳهه نه ملندي. وفاقي وزير چيو ته عزم استحڪام تحت دهشتگردن خلاف بنا فرق جي ڪارروايون پوري قوت سان جاري آهن ۽ امن قائم ٿيڻ تائين اهي ڪارروايون بنا رنڊڪ جي جاري رهنديون.











