اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان ۽ چترال چيمبر آف ڪامرس جي شرڪت سان ٽيون چترال ايڪسپو 10 آڪٽوبر کان پامير ريوي سائيڊان، چترال ۾ منعقد ٿيندو، جيڪو 11 آڪتوبر تائين جاري رهندو. ايڪسپو جو بنيادي مقصد چترال ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ، چترال جي ثقافت، تاريخ ۽ ڪاروبار ۽ مقامي ماڻهن جي دستڪاري مصنوعات ۽ سياحت کي هٿي وٺائڻ آهي. ايڪسپو ۾ …
ٽيون چترال ايڪسپو 10 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندو

مزید خبریں
اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان ۽ چترال چيمبر آف ڪامرس جي شرڪت سان ٽيون چترال ايڪسپو 10 آڪٽوبر کان پامير ريوي سائيڊان، چترال ۾ منعقد ٿيندو، جيڪو 11 آڪتوبر تائين جاري رهندو. ايڪسپو جو بنيادي مقصد چترال ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ، چترال جي ثقافت، تاريخ ۽ ڪاروبار ۽ مقامي ماڻهن جي دستڪاري مصنوعات ۽ سياحت کي هٿي وٺائڻ آهي. ايڪسپو ۾ چترال ۾ مقامي مصنوعات جي نمائش ڪئي ويندي جنهن جو مقصد مقامي شين کي دنيا جي سامهون پيش ڪرڻ آهي. ايڪسپو ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا مان وڏي تعداد ۾ عوام جي شرڪت جو امڪان آهي جنهن سان چترال جي مقامي ماڻهن جي ڪاروبار کي نوان موقعا ملڻ سان گڏوگڏ عالمي سطح تي پاڪستان هاڪاري تاثر ۾ اضافو ٿيندو.











