اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو جي پي آءِ او سان ملاقات، ميڊيا جون باقي ادائيگيون ڪجهه ڏينهن ۾ ڪليئر ڪيون وينديون

اسلام آباد - 08 آڪٽوبر (اي پي پي) اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو (اي جي پي آر) نثار احمد چيما پي آءِ ڊي ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل/ پرنسپل انفارميشن آفيسر (اي ڊي جي/ پي آءِ او) رئيسه عادل سان ملاقات ڪئي. هن ملاقات دوران ميڊيا جي ادائيگين بابت ڪارروائي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته اي جي پي آر ميڊيا هائوسز کي ادائيگيون جلد کان جلد ۽ …

اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو (اي جي پي آر) نثار احمد چيما پي آءِ ڊي ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل/ پرنسپل انفارميشن آفيسر (اي ڊي جي/ پي آءِ او) رئيسه عادل سان ملاقات ڪئي. هن ملاقات دوران ميڊيا جي ادائيگين بابت ڪارروائي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته اي جي پي آر ميڊيا هائوسز کي ادائيگيون جلد کان جلد ۽ وقت سر جاري ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي لاءِ پوري طرح پُرعزم آهي. اي ڊي جي/ پي آءِ او دوري جي آجيان ڪئي ۽ ميڊيا ادائيگين جي عمل کي وقت سر بڻائڻ جي لاءِ پي آءِ ڊي ۽ اي جي پي آر جي وچ ۾ جاري گڏيل تعاون کي ساراهيو. نثار احمد چيما ميڊيا هائوسز جي ادائيگين جي جاري عمل جو جائزو وٺڻ ۽ ان جي تيز رفتار ڪارروائي کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) اسلام آباد جي ذيلي آفيس (ايس او سي) جو پڻ دورو ڪيو. دوري دوران نثار احمد چيما ايس او سي، پي آءِ ڊي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي موثر هم آهنگي ۽ مجاز اٿارٽي جي هدايتن موجب ميڊيا هائوسز کي ادائيگين جي عمل کي تيز ڪرڻ ۾ انهن جي غيرمعمولي خدمتن کي ساراهيو. هن ايس ايس او سي ٽيم جي انهن ڪوششن جو پڻ اعتراف ڪيو جن جي ڪري ادائيگي جو عمل موثر طريقي سان ۽ مقرر مدي جي اندر مڪمل ٿيو. هن ميڊيا ادائيگين جي وقت سر فراهمي کي آسان بڻائڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل آفيسرن ۽ عملي جي تعاون ۽ رابطن جي پڻ واکاڻ ڪئي. ان دوري سان ادائيگين جي عمل جي تازه ترين صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ ميڊيا جي رهتن جي وقت سر ادائيگي جي لاءِ پي آءِ ڊي ۽ اي جي پي آر جي وچ ۾ اداراجاتي هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو موقعو مليو.

مزید خبریں