خيبر پختونخواهه حڪومت ۽ پي ٽي آءِ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ حصو وٺڻ نٿيون چاهين، قوم کي دهشتگردي خلاف جنگ وڙهڻي آهي ۽ ان کي کٽڻو آهي، پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي سڄي سياست نفرت تي ٻڌل رهي آهي: مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني جي نيوز ڪانفرنس

اسلام آباد-08آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ پوري قوم جي جنگ آهي، ملڪ جي دفاع ۽ شهرين جي جانين کان وڌيڪ ڪجهه به اهم ناهي، خيبر پختونخواهه حڪومت ۽ پي ٽي آءِ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ حصو وٺڻ نٿيون چاهين، صوبي ۾ هڪ بزدل حڪومت آهي جيڪا دهشتگردي خلاف جنگ نه ٿي وڙهڻ چاهي، قوم کي دهشتگردي …

اسلام آباد-08آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ پوري قوم جي جنگ آهي، ملڪ جي دفاع ۽ شهرين جي جانين کان وڌيڪ ڪجهه به اهم ناهي، خيبر پختونخواهه حڪومت ۽ پي ٽي آءِ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ حصو وٺڻ نٿيون چاهين، صوبي ۾ هڪ بزدل حڪومت آهي جيڪا دهشتگردي خلاف جنگ نه ٿي وڙهڻ چاهي، قوم کي دهشتگردي خلاف جنگ وڙهڻي آهي ۽ ان کي کٽڻو آهي، پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي سڄي سياست نفرت تي ٻڌل رهي آهي. خميس ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته گذريل ٻن سالن دوران خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ اٽڪل 1200 ماڻهو شهيد ٿيا. شهيدن ۾ فوج، پوليس، ڪسٽم ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کانسواءِ عام شهري به شامل آهن. خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردي جي صورتحال ان ڳالهه جي گهرجائو آهي ته صوبائي حڪومت، وفاقي حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارا گڏجي هن جنگ جو مقابلو ڪن. مملڪتي وزير چيو ته بدقسمتي سان، هڪ طرف خيبر پختونخواهه ۾ روزانو دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن ۽ ٻئي طرف صوبائي حڪومت جو ڌيان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي بدران اسلام آباد ڏانهن احتجاجي مارچ جي تيارين تي آهي، ڪاش اها توانائي صوبي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس اهلڪارن سان گڏ بيهڻ، پوليس کي بهتر وسيلا ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ، فرانزڪ ليبارٽريون قائم ڪرڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جو حوصلو بلند ڪرڻ تي خرچ ڪئي وڃي ها. بلال اظهر ڪياني چيو ته هر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ قوم کي پنهنجي جوانن جا  جنازا کڻڻا پون ٿا ڪو فوجي وردي ۾ شهيد ٿئي ٿو، ڪو پوليس وردي ۾، ڪو ڪسٽم ڊيوٽي سرانجام ڏيندي پنهنجي جان قربان ڪري ٿو، جڏهن ته عام شهري به دهشتگردي جو نشانو بڻجن ٿا. جڏهن روزانو ٻه، ٽي يا چار شهادتون ٿين ٿيون، ته اهي صرف انگ اکر بڻجي رهجي وڃن ٿا، جڏهن ته هر شهيد هڪ خاندان، هڪ ماءُ، هڪ پيءُ، هڪ زال ۽ ٻارن جي زندگين سان ڳنڍيل هوندو آهي. مملڪتي وزير چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ خيبر پختونخواهه ۾ پوليس ۽ ڪسٽمز اهلڪارن جون شهادتون ان صورتحال جي سنگيني کي ظاهر ڪن ٿيون. انسپيڪٽر اظهر اعظم، سپاهي قمر زمان، سپاهي محمد ابرار ۽ سپاهي جواد خان سميت ڪيترائي اهلڪار دهشتگردي خلاف پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي شهيد ٿيا. اهڙي طرح خيبر پختونخواهه پوليس جا ڪانسٽيبل سيف الله خان، شمال خان شلماني، ڪانسٽيبل احمد شاهه ۽ حوالدار فرمان الله سميت ڪيترائي اهلڪار به دهشتگردن سان وڙهندي شهيد ٿيا. مملڪتي وزير چيو ته انهن شهيدن جا نالا ۽ تصويرون منظر عام تي آڻڻ جو مقصد اهو آهي ته قوم کي ياد رهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو ڏيندڙ صرف انگن اکرن جو شمار  نه پر ملڪ جا محافظ ۽ پنهنجي خاندانن جي سار سنڀال ڪندڙ به آهن. هن چيو ته سوال اهو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ خيبر پختونخواهه پوليس جي حوصلي تي ڪهڙو ا اثر پوندو ۽ فوجي جوانن تي ڪهڙو اثر پوندو، جيڪي روازنو پنهنجيون جانيون داءُ تي لڳائي رهيا آهن، مملڪتي وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي اهو حوصلو گهرجي ته نه رڳو فوجي ۽ سياسي قيادت پر پوري قوم انهن جي پويان بيٺي آهي. جيڪڏهن کين ان صوبي ۾ هڪ صوبائي حڪومت نظر اچي جيڪا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ انهن سان گڏ نه بيٺل نه هجي، ته ان سان سندن مورال تي سوال اٿڻ فطري آهي. بلال اظهر ڪياني چيو ته اهو سوال پڻ اهم آهي ته خيبر پختونخواه کي گذريل سالن دوران دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ مليل وسيلا ڪٿي خرچ ٿيا. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ صوبي کي لڳ ڀڳ 800 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا، جڏهن ته، صوبي جي ڪيترن ئي  علائقن ۾ عدالتون، پوليس چيڪ پوسٽون ۽ بلٽ پروف گاڏين تائين گهربل تعداد ۾ موجود نه آهن. جڏهن پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن تي وڙهي رهيا هجن ته کين گهربل وسيلا، هٿيار، بلٽ پروف گاڏيون، چيڪ پوسٽون، فرانزڪ سهولتون ۽ ٻيا  ضروري سامان فراهم ڪرڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري. هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن صوبي ۾ موجود سيڪيورٽي ڍانچي کي گهربل وسيلا فراهم نه ڪيا وڃن ته رياست دهشتگردي خلاف جنگ کي ڪيئن موثر طريقي سان اڳتي وڌائي سگهندي. هن صوبائي حڪومت ۽ حڪمران پارٽي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پارليايمنٽ ۾ پهلگام واقعي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي اجلاس سڏايو وڃي ته اتي شرڪت کان پاسو ڪيو وڃي ٿو. جڏهن فلسطين جهڙي غير تڪراري مسئلي تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي وڃي ان ۾ به شرڪت کان به انڪار ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته دهشتگردي جي مسئلي تي قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ڳالهين جو عمل شروع ڪيو وڃي ته اتي به تعاون نه ٿو ڪيو وڃي. حڪومت هاڻوڪن ڏينهن ۾ نيڪ نيتي سان ڳالهين جو عمل شروع ڪيو ۽ اهو موقف اختيار ڪيو ته رياست، حڪومت ۽ دهشتگردي خلاف جنگ وڙهندڙ جوانن جو ساٿ ڏنو وڃي. خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردي جاري آهي ۽ صوبائي حڪومت وٽ ان جنگ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ذميواري پڻ آهي، پر ان باوجود گهربل تعاون نه ڪيو ويو. مملڪتي وزير چيو ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ انهن ڳالهين جا تفصيل بيان ڪيا ته  ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڳالهيون جاري رهيون، ڪيترائي ڀيرا مسودن ۾ تبديليون ڪيون ويون ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن به طرفان به اڳڀرائي جي ڪوشش ڪئي وئي پر خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير سهيل آفريدي ڪنهن به نتيجي تي پهچڻ لاءِ تيار نه هو. جڏهن ڳالهين ۾ ڪنهن نتيجي تائين پهچڻ جا امڪان پيدا ٿيا ته خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير پنهنجي ئي پارٽي اڳواڻن جي ڪوششن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جنهن ڪري اهو تاثر پيدا ٿيو ته صوبائي حڪومت دهشتگردي جي معاملي تي ڪنهن به نتيجي تي اڳڀرائي نٿي چاهي ۽ خيبرپختونخوا حڪومت ۽ پي ٽي آءِ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ نٿيون چاهيون، هو هڪ بزدل حڪومت آهي جيڪا دهشتگردي خلاف جنگ نٿي وڙهڻ چاهي، هي رويو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. جيڪڏهن 1200 شهادتن تي هڪ قيدي مٿانهون آهي ته پوءِ پي ٽي آءِ صوبائي حڪومت جي ذميواري پوري ڪرڻ جي اهل ناهي. مملڪتي وزير چيو ته سوال اهو آهي ته هڪ اهڙي صوبي ۾ جتي دهشتگردي جي خلاف جنگ جاري هجي، صوبائي حڪومت ان جنگ ۾ رياست سان ڪهڙي طرح بيٺل آهي؟ جيڪڏهن هڪ صوبائي حڪومت سيڪيورٽي معاملن ۾ تعاون نه ڪندي ته رياست لاءِ دهشتگردي خلاف جنگ کي مؤثر طريقي سان اڳتي وڌائڻ ڏکيو ٿي پوندو. بلال اظهر ڪياني چيو ته اڄ اها ئي فوج دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهي آهي جنهن جا جوان روزانو شهيد ٿي رهيا آهن. شهيدن جي ڪٽنبن، انهن جي بيواهن ۽ ٻارن سان تعزيت جي اظهار لاءِ وزيراعظم، فيلڊ مارشل، اعليٰ سياسي ۽ فوجي قيادت شهيدن جي گهرن ۽ جنازن ۾ پهچي ٿي، ان جي ابتڙ صوبائي حڪومت جنازن ۾ شرڪت ڪرڻ کان پاسو ڪري ٿي ته جيئن اهو ظاهر ڪري سگهجي ته هو ان جنگ ۾ شامل ناهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اعليٰ فوجي قيادت شهيدن جي خاندانن سان ملاقاتون ڪن ٿا. هن چيو ته جڏهن قوم جا بهترين جوان پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا هجن ۽ انهن جا خاندان ايتري وڏي قرباني ڏئي رهيا هجن، ته انهن قربانيون جي تقاضا آهي ته  پوري رياست ۽ سياسي قيادت ساڻن گڏ بيهي. شهيدن جي خاندانن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي اهو پيغام ملڻ گهرجي ته قوم انهن جي قربانين کي تسليم ڪري ٿي ۽ انهن جي پٺيان بيٺل آهي. جيڪڏهن فوج، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جوان اهو ڏسن ته جتي صوبي ۾ هو دهشتگردن خلاف وڙهي رهيا آهن، صوبائي حڪومت انهن سان گڏ بيٺل ناهي اها صورتحال انهن جي حوصلي لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿي. مملڪتي وزير چيو ته ملڪ جو دفاع ۽ شهرين جي جانن جو تحفظ ڪنهن به سياسي مفاد کان وڌيڪ اهم آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ جي سمورين گهرجن کي پورو ڪيو وڃي ۽ جيڪي رڪاوٽون هن جنگ ۾ اچن انهن کي ختم ڪيو وڃي. هن  محمود خان اچڪزئي جي تازي بيان جو حوالو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن حڪومت کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته احتجاج  ڪيو ويندو. مملڪتي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ۽ محمود خان اچڪزئي جو دهشتگردي خلاف جنگ جي خلاف احتجاج جو سلسلو اڳ ئي جاري آهي، قوم وڌيڪ اهو نٿي ڏسي سگهي ته دهشتگردي خلاف جنگ دوران سياسي اختلاف ۽ احتجاج رياست جي سيڪيورٽي ضرورتن تي غالب اچي وڃن. بلال اظهر ڪياني چيو ته قوم کي دهشتگردي خلاف جنگ وڙهڻي آهي ۽ ان کي کٽڻو آهي، تنهن ڪري دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪا به رڪاوٽ برداشت نه ٿي ڪري سگهجي.

مزید خبریں