ڪراچي-08آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تعليم، صحت، ثقافت، آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ ڪميونٽي ڊولپمينٽ سميت مختلف شعبن ۾ ترڪيءَ سان سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي هن اهڙو اظهار خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ترڪي جي ڪوآپريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ايجنسي (ٽيڪا) جي ڊپٽي پريزيڊنٽ ڊاڪٽر علي ايرجان جي اڳواڻيءَ ۾ آيل اعليٰ سطحي وفد سان …
سنڌ جي وڏي وزير سان ترڪي جي ڪوآپريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ايجنسي جي وفد جي ملاقات، سنڌ ۾ جاري ترقياتي رٿائن تي ڳالهيون

مزید خبریں
ڪراچي-08آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تعليم، صحت، ثقافت، آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ ڪميونٽي ڊولپمينٽ سميت مختلف شعبن ۾ ترڪيءَ سان سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي هن اهڙو اظهار خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ترڪي جي ڪوآپريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ايجنسي (ٽيڪا) جي ڊپٽي پريزيڊنٽ ڊاڪٽر علي ايرجان جي اڳواڻيءَ ۾ آيل اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن، سنڌ ۾ ٽيڪا جي جاري ترقياتي منصوبن ۽ عوامي خدمتن، تعليمي نتيجن ۽ سماجي ۽ معاشي ترقيءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ سهڪار جي نون موقعن جو جائزو ورتو ويو.وڏي وزير وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان، خاص طور سنڌ ۾ انساني ڀلائي ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ ترڪيءَ جي مسلسل سهڪار کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام ترڪيءَ سان پنهنجي تاريخي دوستي کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، جيڪا گڏيل تاريخ، احترام ۽ عوامي رابطن تي ٻڌل آهي.ملاقات دوران ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وسيع اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ کي اجاگر ڪيو، جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم، ثقافت، سياحت، ٽيڪنالاجي ۽ ترقياتي سهڪار شامل آهن.سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت تعليمي سڌارن، ڊجيٽل تبديلي ۽ انساني وسيلن جي ترقيءَ لاءِ وسيع ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ عالمي ڀائيواري اهم حيثيت رکي ٿي.ٽيڪا جي وفد سنڌ ۾ جاري منصوبن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته صاف پيئڻ جي پاڻي، روزگار، آفتن کان بچاءَ جي تياري، تعليم ۽ ادارتي صلاحيتن ۾ واڌ لاءِ مختلف قدم کنيا پيا وڃن.وفد موجب عمرڪوٽ ۽ پنو عاقل ۾ شمسي توانائيءَ تي هلندڙ واٽر فلٽريشن پلانٽ قائم ڪيا ويا آهن، جيڪي روزانو هزارين ماڻهن کي صاف پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪري رهيا آهن.ملاقات ۾ ڪراچي ۾ ٽيڪا جي رڪشا ايمپلائيمينٽ پروگرام جو پڻ جائزو ورتو ويو، جنهن تحت مستحق خاندانن کي گھمندڙ مالي ماڊل ذريعي رڪشا فراهم ڪري پائيدار روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.ايمرجنسي ۽ ڊزاسٽر رسپانس ٽريننگ پروگرام بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جنهن تحت سنڌ جي ريسڪيو عملي کي ڳولا ۽ بچاءَ، آفتن جي انتظام ۽ تربيت جي شعبن ۾ مهارتون فراهم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ٽيڪا طرفان جديد بچاءَ ۽ تربيتي سامان پڻ فراهم ڪيو ويو آهي.وڏي وزير انهن قدمن کي ساراهيندي چيو ته اهي صاف پاڻي جي فراهمي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي صلاحيت وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيا آهن.تعليم جي شعبي بابت ڳالهائيندي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه وفد کي سنڌ ۾ جاري تعليمي سڌارن کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ صوبي جي 378 ڪاليجن جي نگراني ڪري رهيو آهي، جتي 5 لک 57 هزار کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.هن چيو ته سنڌ حڪومت 200 کان وڌيڪ ڪاليجن ۾ بي ايس ڊگري پروگرام شروع ڪيا آهن، جڏهن ته ڊجيٽل لرننگ پليٽ فارمن، آن لائن انتظامي خدمتن ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل گورننس سڌارن کي پڻ وڌايو پيو وڃي.وڏي وزير اعليٰ تعليم، ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل تربيت، ڊجيٽل سکيا، فڪلٽي ڊولپمينٽ ۽ ادارتي مضبوطيءَ جي شعبن ۾ ٽيڪا سان سهڪار وڌائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي بابت وفد کي آگاهه ڪيو ۽ آثار قديمه جي ماڳن جي تحفظ، عجائب گهرن جي ترقي، ثقافتي مٽاسٽا ۽ صلاحيتن ۾ واڌ لاءِ سهڪار جي تجويز ڏني.ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب شهر ۾ جاري شهري ترقيءَ جي منصوبن، تاريخي عمارتن جي بحالي ۽ ميونسپل خدمتن ۾ بهتري بابت بريفنگ ڏني، جڏهن ته صحت جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو.ٽيڪا جي ڊپٽي پريزيڊنٽ ڊاڪٽر علي ايرجان سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ اداري جي سهڪار جو عزم ورجائيندي تعليم، سماجي ڀلائي ۽ ادارتي سڌارن ۾ سنڌ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو.هن چيو ته ٽيڪا سنڌ سان پنهنجي ڀائيواري کي وڏي اهميت ڏئي ٿي ۽ اهڙن نون شعبن ۾ سهڪار جا موقعا ڳولڻ لاءِ پراميد آهي، جن سان مقامي برادرين کي عملي فائدو پهچي سگهي.ملاقات جي پڄاڻيءَ تي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۽ ترڪيءَ جا لاڳاپا سفارتي رابطن کان اڳتي وڌي تاريخي، ثقافتي ۽ عوامي لاڳاپن تي ٻڌل آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٽيڪا سان وڌندڙ سهڪار سنڌ جي عوام جي ڀلائي، خوشحالي ۽ پائيدار ترقيءَ ۾ وڌيڪ ڪردار ادا ڪندو.ملاقات ۾ ترڪيءَ جو قونصل جنرل ايرگل ڪادڪ، ٽيڪا سنڌ ۽ بلوچستان جو سربراهه ماڪوڪ پيوسا، پرسنل اينڊ سپورٽ سروسز ڊپارٽمينٽ جو سربراهه يوگور وانليوگلو، ڊيٽا ڪنٽرول آفيسر عبدالله ساري ۽ ٽيڪا ڪراچي جا ٻيا نمائندا پڻ موجود هئا.سنڌ حڪومت طرفان تعليم وارو وزير سيد سردار شاهه، ثقافت وارو وزير سيد ذوالفقار علي شاهه، ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو سيڪريٽري آصف جميل، ڪاليج ايجوڪيشن جو سيڪريٽري نديم ميمڻ، اسڪول ايجوڪيشن جو سيڪريٽري زاهد عباسي، صحت جو سيڪريٽري طاهر سانگي، ثقافت جو سيڪريٽري خير محمد ڪلوڙ ۽ ٻيا سينيئر عملدار شريڪ هئا.











