8 آڪٽوبر 2005 تي آيل زلزلو قومي تاريخ جو هڪ ڏکوئيندڙ ڏينهن آهي: سيد نهال هاشمي

ڪراچي -08آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته 8 آڪٽوبر 2005ع جو تباهه ڪندڙ زلزلو اسان جي قومي تاريخ جو هڪ انتهائي ڏکوئيندڙ ڏينهن آهي. هن سانحي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعاگو آهيون.قومي يومِ عزم ۽ استقامت جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ گورنر سنڌ چيو ته قدرتي آفتن کي روڪي نٿو سگهجي، تنهن هوندي به وقت …

ڪراچي -08آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته 8 آڪٽوبر 2005ع جو تباهه ڪندڙ زلزلو اسان جي قومي تاريخ جو هڪ انتهائي ڏکوئيندڙ ڏينهن آهي. هن سانحي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعاگو آهيون.قومي يومِ عزم ۽ استقامت جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ گورنر سنڌ چيو ته قدرتي آفتن کي روڪي نٿو سگهجي، تنهن هوندي به وقت سر ۽ اثرائتي تياري ذريعي انهن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن کي وڏي حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو. پاڪستان قدرتي آفتن جي خطرن کي منهن ڏيندڙ ملڪ آهي، تنهن ڪري ڊزاسٽر پريپئرڊنس کي قومي ترجيح بڻائڻ لازمي آهي.سيد محمد نهال هاشمي چيو ته زلزلن، ٻوڏن ۽ ٻين هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيت وڌائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ريسڪيو، ابتدائي طبي امداد ۽ ايمرجنسي رسپانس بابت معاشري جي هر فرد کي بنيادي تربيت فراهم ڪرڻ گهرجي، ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ وقت سر ۽ اثرائتا قدم کڻي سگهجن.گورنر سنڌ چيو ته قدرتي آفتن جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ سرڪاري ادارن سان گڏ عوامي سطح تي به شعور ۽ تياري کي هٿي ڏيڻي پوندي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڊزاسٽر رسپانس، ايمرجنسي سروسز ۽ حفاظتي قدمن کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويندو.هن چيو ته 8 آڪٽوبر 2005ع جي زلزلي جي متاثرن ۽ فوت ٿيل ماڻهن جي قربانين کي ياد رکندي اسان کي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي تياري، اداراجاتي صلاحيت ۽ عوامي شعور کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻو پوندو.

مزید خبریں