ڪراچي-08آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت 15 آڪٽوبر تي شنگهائي ۾ سيڙپڪاري ڪانفرنس منعقد ڪرڻ وڃي رهي آهي، سنڌ جي وڏي وزير جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي وفد چين روانو ٿي رهيو آهي. هن دوري دوران بي ٽو بي ۽ جي ٽو جي سيڙپڪاري کي ھٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان ۾ چين جي سهڪار سان …
سنڌ حڪومت 15 آڪٽوبر تي شنگهائي ۾ سيڙپڪاري ڪانفرنس منعقد ڪري رهي آهي جنهن ۾ بي ٽو بي ۽ جي ٽو جي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون: شرجيل انعام ميمڻ

مزید خبریں
ڪراچي-08آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت 15 آڪٽوبر تي شنگهائي ۾ سيڙپڪاري ڪانفرنس منعقد ڪرڻ وڃي رهي آهي، سنڌ جي وڏي وزير جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي وفد چين روانو ٿي رهيو آهي. هن دوري دوران بي ٽو بي ۽ جي ٽو جي سيڙپڪاري کي ھٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان ۾ چين جي سهڪار سان سيڙپڪاري کي ھٿي ڏيڻ سان نوجوانن لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ روزگار جا موقعا ميسر ٿيندا. پاڪستان ۾ ترقي سدائين اسان جي اوليت رهي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪراچي ۽ اسلام آباد کان پوءِ هاڻي اسان سنڌ ويزن جو ٽيون ايونٽ سکر ۾ ڪرائڻ وڃي رهيا آهيون، جنهن ۾ مختلف مڪتبهءِ فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن، قومي ۽ بين الاقوامي صحافين، سفارتڪارن سميت ٻين ماڻهن کي دعوت ڏني ويندي، اطلاعات کاتي تحت ٿيندڙ هن ايونٽ ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به شرڪت ڪندو، نومبر جي آخر ۾ هي پروگرام ٿيڻ وڃي رهيو آهي. اسان ڏيکارينداسين ته سنڌ حڪومت عملي طور ڪهڙي ريت ڪم ڪيو آهي، سکر هن وقت سنڌ صوبي جو رول ماڊل ضلعو آهي، هر شعبي ۾ سکر ۾ ڪم ٿيو آهي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٿر ڪول پاڪستان لاءِ گيم چينجر ثابت ٿي رهيو آهي ۽ ملڪ جي بجلي جي پيداوار ۾ ٿر جي ڪوئلي جو اهم ڪردار آهي. پاڪستان جي بجلي جي پيداوار جو 14 سيڪڙو ٿر جي ڪوئلي مان حاصل ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ٿر ڪول مان پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جي پڻ بچت ٿي آهي. هن چيو ته ٿر ڪول پاڪستان جي توانائي بحران جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ٿر ڪول منصوبن تي پاڪستان ۾ تقريباً هڪ ارب ڊالر تائين سيڙپڪاري ٿي چڪي آهي. ٿر ڪول پاڪستان لاءِ هڪ وڏو گيم چينجر بڻجي چڪو آهي.سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هڪ سال ۾ سنڌ ۾ 1100 نوان اسڪول تعمير ڪيا پيا وڃن. ڊسمبر تائين 47 نوان اسڪول مڪمل ٿي ويندا، جڏهن ته مارچ کان اڳ 800 نوان اسڪول تيار ٿي ويندا. هن چيو ته هن سال مجموعي طور تي 1100 نوان اسڪول تعمير ڪيا پيا وڃن. تعليم کاتو عام ٻارن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ تعليم جي شعبي ۾ بنيادي حڪمت عملي سان گڏ ڊرائيو پڻ جاري رهندي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان عوام کي جوابده آهيون، اسان ڪنهن فرد، ميڊيا چينل يا سوشل ميڊيا جي سامهون جوابده ناهيون. خيبر پختونخوا جي وڏي وزير پاران پيپلز پارٽي جي قيادت کي نشانو بڻائڻ افسوسناڪ آهي. هن چيو ته اسان اڃا تائين خيبر پختونخوا جي وڏي وزير جي ڪنهن بيان تي جواب نه ڏنو هو، تنهن هوندي به جنهن طريقي سان هن پيپلز پارٽي جي قيادت کي نشانو بڻايو، اها حيرت جوڳي ڳالهه آهي. خيبر پختونخوا جي وڏي وزير پاران پيپلز پارٽي جي قيادت کي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ آهي.هن واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ سان ڪنهن به قسم جي انگيجمينٽ نه ڪندي. پي ٽي آءِ کي پنهنجي غلطين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. پيپلز پارٽي جي قيادت کي پنهنجا سياسي فيصلا پاڻ ڪرڻ جو حق حاصل آهي ۽ پنهنجي قيادت جا فيصلا ڪنهن جي دٻاءَ ۾ اچي نه ڪندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وڏي وزير خيبر پختونخوا پنهنجي ضد ۽ انا جي چڪر ۾ صوبي کي نقصان پهچائي رهيا آهن.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صوبي جو هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو دهشتگردي آهي. خيبر پختونخوا جي ستن مان پنج ڊويزنون دهشتگردي جي ور چڙھيل آهن ۽ صوبي ۾ دهشتگردي جي لهر انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي. هن چيو ته طالبانائيزيشن جو سڀ کان وڏو نقصان غريب پختون عوام برداشت ڪري رهيا آهن ۽ خيبر پختونخوا جا غريب ۽ معصوم عوام دهشتگردي جو نشانو بڻجي رهيا آهن. صوبي ۾ شام کان پوءِ سيڪيورٽي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وڃي ٿي ۽ پوليس اهلڪار پڻ سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن.سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي جي صورتحال صوبائي حڪومت جي ناڪامي جو ثبوت آهي ۽ صوبائي حڪومت جي نااهلي سبب عوام دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن جو چوڻ هو ته عمران خان جي دور ۾ طالبان بابت نرم رويو اختيار ڪيو ويو. طالبان لاءِ آفيس کولڻ جون ڳالهيون ڪندڙن کي اڄ جي صورتحال جو جواب ڏيڻو پوندو. طالبان معصوم ٻارن کي به نشانو بڻايو ۽ عبادتگاهن کي به نه بخشيو. دهشتگردن اسڪول، مسجد، مندر ۽ امام بارگاهه تائين کي نشانو بڻايو، جڏهن ته اسان جي فوج، پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن تي پڻ حملا ڪيا ويا. خيبر پختونخوا ۾ پوليس، عدليه ۽ عدالتون پڻ دهشتگردي کان متاثر ٿيون آهن.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ جي دور حڪومت ۾ سانحو اي پي ايس ٿيو ۽ بنون جيل تي حملو ٿيو. دهشتگرد جلوسن ۽ ريليّن جي صورت ۾ آيا، جيل ٽوڙي پنهنجن ساٿين کي آزاد ڪرائي کڻي ويا. ھن چيو تھ پي ٽي آءِ جي دور حڪومت ۾ دهشتگردن جي مدرسن کي فنڊنگ ڪئي وئي ۽ باني پي ٽي آءِ طالبان جي ترجمان جو ڪردار ادا ڪري رھيو ھو. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن باوجود پي ٽي آءِ ڪو سبق نه سکيو. معصوم ٻارن جي شهادتن جي وڏي سانحي باوجود دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ڪئي وئي.هن چيو ته پي ٽي آءِ کي سوچڻو پوندو ته اها دهشتگردن ۽ طالبان بابت ڪهڙي پاليسي رکي ٿي. طالبان جي حمايت ۽ دهشتگردن سان ٺاهه جي سياست تي پي ٽي آءِ کي جواب ڏيڻو پوندو. پي ٽي آءِ جلسا، جلوس ۽ ڌرڻا ته ڪري ٿي، پر دهشتگردي خلاف سنجيده موقف نظر نٿو اچي. جتي پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، اتي دهشتگردي خلاف اثرائتا قدم ڇو نه کنيا پيا وڃن؟ پي ٽي آءِ ڪڏهن به سنجيدگي سان نه ٻڌايو آهي ته دهشتگردي خلاف ڪهڙي ريت ڪارروائي ڪندي. خيبر پختونخوا حڪومت جو دهشتگردي جي معاملي تي اثرائتو ۽ واضح موقف سامهون نه آيو آهي، جڏهن ته خيبر پختونخوا حڪومت ۽ وڏي وزير جا بيان معاملن کي وڌيڪ خراب ڪري رهيا آهن.











