اسلام آباد - 08 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت نيويارڪ ٽائيمز پاران پاڪ فضائيه جي جهازن کي حوثين جي خلاف استعمال ڪرڻ بابت شايع ڪيل خبر کي جعلي ۽ هٿ ٺوڪي قرار ڏئي ڇڏيو. فيڪٽ چيڪر، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي ڪيل پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته عالمي ميڊيا ادارا مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تحت پاڪستان جي …
نيويارڪ ٽائيمز جي پاڪستاني فضائيه جي جهازن جي حوثين جي خلاف استعمال بابت خبر جعلي ۽ هٿ ٺوڪي آهي: فيڪٽ چيڪر، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت نيويارڪ ٽائيمز پاران پاڪ فضائيه جي جهازن کي حوثين جي خلاف استعمال ڪرڻ بابت شايع ڪيل خبر کي جعلي ۽ هٿ ٺوڪي قرار ڏئي ڇڏيو. فيڪٽ چيڪر، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي ڪيل پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته عالمي ميڊيا ادارا مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تحت پاڪستان جي هٿياربند فوج جي امڪاني استعمال جي حوالي سان قياص آرائين تي ٻڌل رپورٽنگ کان پاسو ڪن. فيڪٽ چيڪر اطلاعات واري وزارت چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ڪارروائي يا مقرري جي ضرورت پيش آئي ته ان جا تفصيل لاڳاپيل عملدارن پاران فراهم ڪيا ويندا. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت چيو ته سچ، ڪوڙ تي غالب اچي ٿو.











