اسلام آباد - 08 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن خاص طور تي واپار، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن ۽ گهڻ رخي فورمز تي رابطن جي ذريعي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ٻنهي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ بحرين جي پرڏيهي وزير پاران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن خاص طور تي واپار، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن ۽ گهڻ رخي فورمز تي رابطن جي ذريعي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان بحرين لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعلى سطحي رابطن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو وتو ته چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي سڀ کان قابل عمل ذريعو آهي. ان کان اڳ پاڪستان بحري گڏيل وزارتي ڪميشن جي ٽئين اجلاس جي افتتاحي جملن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته گڏيل وزارتي ڪميشن تحت سمورن ٻطرفي گڏيل ورڪنگ گروپس جا اجلاس منعقد ٿيا ۽ انهن ۾ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن قيادت پاران ٽن سالن جي اندر ٻطرفو واپار هڪ ارب ڊالر تائين ٻيڻو ڪرڻ جي هدف جو حوالو ڏيندي چيو ته هڪ سال گذري چڪو آهي، ان لاءِ باقي مدي ۾ اهو هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسحاق ڊار نار تعاون ڪائونسل – پاڪستان آزاد واپاري معاهدي طرف اڳڀرائي جي آجيان ڪندي چيو ته ان معاهدي جي تڪميل سان ٻنهي ڌرين کي واپار کي سگهه ڏيڻ ۽ پنهنجا اقتصادي هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن درآمدات، برآمدات ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ حڪومت سان حڪومت جي ڪوششن سان ڪاروباري سطح تي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير بحرين نيشنل گارڊ جي لاءِ 1800 پاڪستاني اهلڪارن، جن ۾ 30 رٽائرڊ فوجي آفيسر به شامل آهن، جي ڀرتي کي پڻ ساراهيو. هن جون 2026ع ۾ پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ۽ بحرين جي گهرو وزارت جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت جي يادداشت جي پڻ آجيان ڪئي جنهن تحت 13 پاڪستاني آفيسر ۽ 37 اهلڪار بحريني ڪوسٽ گارڊ ۾ شامل ٿيا. هن اٽڪل هڪ لک 34 هزار پاڪستانين جي ميزباني تي بحرين جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته انهن ۾ وڏو انگ هنرمند پيشيور ماڻهن جو آهي. هن جون 2026ع ۾ سزا يافته قيدين جي منتقلي جي معاهدي جي توثيق جي پڻ آجيان ڪئي ۽ پاڪستاني شهرين جي لاءِ بحرين جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا. بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني چيو ته اجلاس اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن خطي جو بحران بدستور حل طلب آهي ۽ آبناءِ هرمز جي ذريعي جهاز راني کي خطرا آهن. هن سعودي عرب جي ابها انٽرنيشنل ايئرپورت ۽ ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي 6 ۽ 7 آڪٽوبر تي ٿيندڙ دهشتگرد حملن سان گڏوگڏ حوثي مليشيا پاران شهرين ۽ شهري ٺڪاڻن تي حملن ۽ مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره کي نشانو بڻائڻ جي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي. هن چيو ته هوائي اڏن ۽ شهري بنيادي ڍانچي تي حملا عالمي قانون ۽ عالمي انساني قانون جي خلاف ورزي آهن. ڊاڪٽر الزياني چيو ته بحرين سعودي عرب جي سلامتي کي پنهنجي ۽ نار تعاون ڪائونسل جي سلامتي جو لازمي حصو سمجهي ٿو ۽ رياض سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ اسلام آباد ۾ ڳالهه ٻولهه جي ميزباني ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ ويجهي تعاون خاص طور تي عالمي قانون، امن ۽ سلامتي، سامونڊي سلامتي ۽ جهاز راني جي آزادي جي معاملن تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته گڏيل وزارتي ڪميشن جو اجلاس اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ، اعلى سطحي دورن کانپوءِ اڳڀرائي کي اڳتي وڌائڻ ۽ ٻطرفي لاڳاپن ۾ پيدا ٿيندڙ مثبت رفتار کي عملي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو.











