پاڪستان ۽ بحرين پاران واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، زراعت ۽ غذائي تحفظ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صحت، تعليم ۽ محنت جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد - 08 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بحرين واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، زراعت ۽ غذائي تحفظ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صحت، تعليم ۽ محنت جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اهو اتفاق راءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني جي گڏيل صدارت ۾ پرڏيهي …

اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بحرين واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، زراعت ۽ غذائي تحفظ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صحت، تعليم ۽ محنت جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اهو اتفاق راءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني جي گڏيل صدارت ۾ پرڏيهي وزارت ۾ پاڪستان بحرين گڏيل وزارتي ڪميشن جي ٽئين اجلاس ۾ طئي ٿيو. اجلاس ۾ ٻطرفي تعاون ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، زراعت ۽ غذائي تحفظ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صحت، تعليم ۽ محنت جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ عوامي سطح تي گڏيل رابطن کي فروغ ڏيڻ جي قدمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ ٺوس فائدن ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن گڏيل ورڪنگ گروپس، اداراجاتي حصيداري ۽ باقاعده فالو اپ جي ذريعي طئي ٿيل معاملن تي موثر عملدرآمد يقيني بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. گڏيل وزارتي ڪميشن جي اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جي اعلى سطحي وفدن شرڪت ڪئي. پاڪستاني وفد ۾ اقتصادي معاملن واري ڊويزن جو سيڪريٽري، وقتي پرڏيهي سيڪريٽري، ايس آءِ ايف سي جو سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جا اعلى عملدار شامل هئا. بحرين جي اعلى عملدارن ۽ بحرين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي نمائندن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں