اسلام آباد - 08 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ بحرين واپار ۽ سيڙپڪاري، صنعتي تعاون، زراعت ۽ غذائي تحفظ، هنرمندي، اعلى تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، لاجسٽڪس ۽ سامونڊي معاملن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن نار تعاون ڪائونسل ۽ پاڪستان جي وچ ۾ آزاد واپاري معاهدي کي …
پاڪستان ۽ بحرين مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ بحرين واپار ۽ سيڙپڪاري، صنعتي تعاون، زراعت ۽ غذائي تحفظ، هنرمندي، اعلى تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، لاجسٽڪس ۽ سامونڊي معاملن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن نار تعاون ڪائونسل ۽ پاڪستان جي وچ ۾ آزاد واپاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو آهي. بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ لاڳاپا انتهائي واضح ۽ مخلصاڻي نوعيت جا آهن ۽ هاڻي ٻنهي ملڪن جو ڌيان پنهنجي مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ عملي نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ تعاون جا وڌيڪ موقعا ڳولڻ تي آهي. پاڪستان بحرين گڏيل وزارتي ڪميشن جي ٽئين اجلاس جي پڄاڻي تي بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي محمد اسحاق ڊار چيو ته اجلاس انتهائي دوستاڻي ۽ تعميري ماحول ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻي دوستي، ڀائراڻي لاڳاپن ۽ گڏيل اعتماد جي عڪاسي ٿي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 50هين سالگرهه آهي ۽ ان موقعي تي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٻڌايو ته گڏيل وزارتي ڪميشن جي ٽئين اجلاس جو پروٽوڪول طئي ٿي ويو آهي جيڪو گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي کي وڌيڪ مضبوط ۽ سگهه ڏيڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اجلاس جو اهم نتيجو ڪيترن ئي گڏيل ورڪنگ گروپس کي فعال بڻائڻ آهي، جيڪي باقاعده رابطي ۽ گڏيل وزارتي ڪميشن جي فيصلن تي موثر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ڏيندا. نائب وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ، صنعتي تعاون، زراعت ۽ غذائي تحفظ، هنرمندي جي ترقي، اعلى تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، لاجسٽڪس ۽ سامونڊي معاملن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي آجيان ڪندي چيو ته ان شعبي ۾ وڌيڪ تعاون کي فروغ ڏنو ويندو. سينيٽر اسحاق ڊار بحرين ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي قابل قدر خدمتن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستاني برادري ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پُل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ليبر موبيلٽي، پيشيواراڻي تربيت ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي ته جيئن هنرمند پاڪستاني پيشيور ماڻهن ۽ ڪارڪنن جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري سگهجن. نائب وزيراعظم چيو ته اجلاس ۾ نار جي بدلجندڙ صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ مسلسل ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو ويو. هن چيو ته آبناءِ هرمز ۽ باب المندب جي ذريعي محفوظ ۽ آزاداڻي اچ وڃ يقيني بڻائڻ ضروري آهي ڇو ته انهن پاڻي رستن جي علائقائي ۽ عالمي غذائي ۽ توانائي سلامتي جي حوالي سان اهميت آهي. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ سفارتي ڪوششن جي حمايت ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پُرعزم آهي. هن فلسطين جي سنگين صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام ۽ ان جي فتح نه ٿيڻ جوڳي حقن جي لاءِ پنهنجي اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. هن چيو ته غيرقانوني بستين جي مسلسل توسيع ۽ القدس الشريف جي حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوششن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته غزه جي عوام تائين بنا رڪاوٽ انساني امداد جي فوري فراهمي جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب منصفاڻي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لاءِ پنهنجي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. هن ڏکڻ ايشيا جي صورتحال، افغانستان ۽ سنڌ طاس معاهدي سميت مختلف معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ جو ذڪر ڪيو. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ان ڳالهه جي ضرورت تي زور ڏنو ته افغان سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿئي. سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان نائب وزيراعظم چيو ته ڀارت پاران معاهدي کي هڪطرفي طور تي معطل ڪرڻ عالمي قانون جي سنگين خلاف ورزي ۽ گڏيل پاڻي وسيلن کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪرڻ جي خطرناڪ ڪوشش آهي، اهڙو قدم پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام جي پاڻي، غذائي ۽ توانائي جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي ٿو. نائب وزيراعظم بحرين جي پرڏيهي وزير ۽ سندس وفد جا گڏيل وزارتي ڪميشن جي اجلاس جي ڪاميابي ۾ تعميري شرڪت ۽ قيمتي ڪردار تي ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته پاڪستان چوٿين گڏيل وزارتي ڪميشن جي اجلاس جي ميزباني بحرين ۾ ٿيڻ جو منتظر آهي ۽ ان حوالي سان اهو عزم ڪيو ويو آهي ته ايندڙ اجلاس موجوده اجلاس وانگر 5 سالن جي وقفي کانپوءِ نه پر 2027ع ۾ 365 ڏينهن جي اندر منعقد ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي دوستي مضبوط ۽ مستقبل تي مرڪوز آهي، ٻئي ڀائر ملڪ عالمي فورمز تي هڪ ٻئي سان تعاون ڪن ٿا ۽ جتي به موقعو ملي ٿو گڏيل رابطا جاري رکن ٿا. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل طور تي وڌيڪ خوشحال مستقبل جي تعمير ۽ واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي لاءِ پُرعزم آهن. ان موقعي تي بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جا 55 سال مڪمل ٿيڻ وڃي رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن، اعتماد ۽ يڪجهتي کي تازي اعلى سطحي دورن سان وڌيڪ سگهه ملي آهي. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نومبر 2025ع ۽ صدر آصف علي زرداري جي جنوري 2026ع ۾ بحرين جي دورن جو حوالو ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ نئين رفتار پيدا ٿي آهي. بحريني پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ ڪنگ حمد يونيورسٽي فار نرسنگ اينڊ الائيڊ ميڊيڪل سائنسز ۽ بحرين ۾ هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين جي خدمتن کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط رابطن جو مثال قرار ڏنو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن گڏيل وزارتي ڪميشن جي ٽئين اجلاس جي متفقه منٽس تي صحيحون ڪيون آهن جنهن ۾ 15 کان وڌيڪ شعبن جو احاطو ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ، ايندڙ مهيني تيل، گئس ۽ معدنيات بابت توانائي جي گڏيل ورڪنگ گروپ جو اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ غذائي تحفظ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، ميڊيا، ليبر موبيلٽي، صحت، تعليم، ٿقافت ۽ راندين سميت مختلف شعبن ۾ تعاون اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. بحريني پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي سي سي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ آزاد واپاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو آهي ۽ ايندڙ سال 2027ع ۾ بحرين ۾ ٿيندڙ چوٿين گڏيل وزارتي ڪميشن جي اجلاس ۾ ان حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو. هن جاري علائقائي بحران دوران پاڪستان جي اصولي موقف کي ساراهيندي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2817 جي لاءِ پاڪستان جي حمايت ۽ ٻين حصيدارن سان گڏجي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن، بشمول اسلام آباد ڳالهه ٻولهه جي ميزباني، کي ساراهيو. بحريني پرڏيهي وزير 6 ۽ 7 آڪٽوبر تي ابها انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو ته انهن حملن ۾ شهري ۽ مقامي ماڻهو فوت ٿيا ۽ زخمي ٿيا. هن سعودي عرب ۾ ثوثي مليشيا پاران شهرين ۽ شهري ٺڪاڻن تي حملن ۽ مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره جهڙين مقدس جاين تي حملن جي پڻ مذمت ڪئي. هن چيو ته هوائي اڏن ۽ شهري ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانون ۽ عالمي انساني قانون جي کليل خلاف ورزي آهي. بحريني پرڏيهي وزير آبناءِ هرمز ۽ باب المندب ۾ واپاري سامونڊي جهازن کي درپيش حملن جو ذڪر ڪندي آزاداڻي ۽ محفوظ سامونڊي اچ وڃ ۽ عالمي قانون جي احترام جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ۽ بحرين نيويارڪ ۾ پنهنجي مستقل مشنز جي وچ ۾ ويجهو رابطو جاري رکندا. هن ٻڌايو ته هو پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪندو ۽ بحرين جي قيادت پاران مبارڪباد جا پيغام پهچائڻ کانسواءِ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. بحريني پرڏيهي وزير چيو ته سندس پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي اسٽريٽجڪ نوعيت جي توثيق ڪري ٿو ۽ ٻئي ملڪ اڄ جي اجلاس جي نتيجن کي اڳتي وڌائڻ، پنهنجي ملڪن، خطي ۽ ان کان ٻاهر امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ٻنهي ملڪن عالمي فورمز تي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهن ٿا، مشاورت ڪن ٿا ۽ پنهنجي خيالن ۽ معاملن جي مٽاسٽا ڪن ٿا. نائب وزيراعظم چيو ته بحرين جي پرڏيهي وزير 2025ع جي پاڪ ڀارت جنگ ۽ پاڪستان پاران آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي دوران مسلسل رابطو رکيو، اڳڀرائي بابت معلوم ڪيو ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، جنهن تي هو سندس ٿورائتو آهي. هڪ سوال تي ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ لاڳاپا انتهائي واضح ۽ مخلصاڻي نوعيت جا آهن، ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جو احترام ڪن ٿا ۽ اها ئي ٻن رياستن جي وچ ۾ لاڳاپن جي بنيادي خصوصيت آهي. هن چيو ته بحرين ۾ هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني رهن ٿا جيڪي بحريني شهرين سان گڏجي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ بحرين انهن جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. بحريني پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جا لاڳاپا مسلسل مضبوط ۽ مستحڪم ٿيا آهن، هاڻي ٻنهي ملڪن جو ڌيان پنهنجي مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ عملي نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ تعاون جا وڌيڪ موقعا ڳولڻ تي آهي.











