گڏيل قومون جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوريش پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ واپس روانو

اسلام آباد - 08 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومون جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوريش 6 کان 8 آڪٽوبر 2026ع تائين پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان کان روانو ٿي ويو، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل دوري دوران پاڪستان جي قيادت ۽ اعلى عملدارن سان وسيع پئماني تي ملاقاتون ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب …

اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومون جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوريش 6 کان 8 آڪٽوبر 2026ع تائين پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان کان روانو ٿي ويو، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل دوري دوران پاڪستان جي قيادت ۽ اعلى عملدارن سان وسيع پئماني تي ملاقاتون ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس 6 آڪٽوبر تي نائب وزيراعطم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن، گهڻ رخي نظام ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي جاري سفارتي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. هن سيڪريٽري جنرل کي ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور تي معطل رکڻ جي فيصلي کان پڻ آگاهه ڪيو، جيڪو عالمي قانون جي کليل خلاف ورزي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير فلسطيني عوام ۽ خودمختياري جو حق ۽ رياست حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي جائز جدوجهد جي پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۽ دهشتگردي جي خاتمي سميت علائقائي ۽ عالمي ۽ سلامتي، پائيدار ترقي، موسمياتي تبديلي ۽ گهڻ رخي نظام جي مستقبل جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سيڪريٽري جنرل 6 آڪٽوبر تي صدر آصف علي زرداري سان پڻ ملاقات ڪئي. ملاقات کانپوءِ ايوان صدر ۾ خصوصي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ صدر عالمي امن ۽ ترقي جي لاءِ سندس نمايان عالمي خدمتن ۽ ڪردار جي اعتراف ۾ سيڪريٽري جنرل کي نشان امتياز عطا ڪيو. 7 آڪٽوبر تي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دوري دوران سيڪريٽري جنرل چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير سان پڻ ملاقات ڪئي. پنهنجي ملاقاتن دوران سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن جي لاءِ پاڪستان جي پراڻي خدمتن کي ساراهيو، جن ۾ گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار ۽ ڳالهه ٻولهه، ثالثي ۽ عالمي تعاون جي فروغ جي لاءِ ان جون ڪوششون شامل آهن. سيڪريٽري جنرل اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ ان انڊيا اينڊ پاڪستان (يو اين ايم او جي آءِ پي) جي هيڊڪوارٽرز جو پڻ دورو ڪيو ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ۾ برينگ ۾ شرڪت ڪئي جتي کيس آفتن کي منهن ڏيڻ جي تياري ۽ وقت کان اڳ تنبيهه نظام جي شعبن ۾ پاڪستن جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. 7 آڪٽوبر تي سيڪريٽري جنرل فارن سروسز اڪيڊمي ۾ “بدلجندڙ دنيا ۾ گهڻ رخي نظام جو استحڪام: جاگرافيائي سياست ۽ گڏيل قومن جو ڪردار” جي موضوع تي خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ بطور مهمان مقرر شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير آجياڻي وارو خطاب ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ سيڪريٽري جنرل پاڪستان سان پنهنجي پراڻي وابستگي جو ذڪر ڪندي پاڪستاني عوام جي سخاوت، استقامت ۽ يڪجهتي کي اجاگر ڪيو ۽ گڏيل قومن جي لاءِ ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل پنهنجي خدمتن، جن ۾ گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جي حيثيت سان خدمتون به شامل آهن، جي تجربن جو حوالو ڏنو. هي دورو گڏيل قومن سان پاڪستان جي پراڻي حصيداري جي ورجاءُ ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ اهم اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ جو هڪ اهم موقعو ثابت ٿيو. هن گڏيل قومن کي مرڪزيت رکندڙ گهڻ رخي نظام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن سان ان جي مستقل وابستگي کي پڻ اجاگر ڪيو.

مزید خبریں