قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات

اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جمعيت علماءِ اسلام جي امير ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. اسپيڪر سردار اياز صادق، مولانا فضل الرحمان کي عمري جي ادائيگي تي مبارڪون ڏنيون ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي آمد …

اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جمعيت علماءِ اسلام جي امير ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. اسپيڪر سردار اياز صادق، مولانا فضل الرحمان کي عمري جي ادائيگي تي مبارڪون ڏنيون ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي آمد ۽ عمري جي ادائيگي تي مبارڪن ۽ نيڪ خواهشن جي اظهار تي ٿورا مڃيا. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مولانا فضل الرحمان سان سندس پراڻا ۽ ويجها لاڳاپا آهن، جيڪي سياسي وابستگين کان مٿانهون آهن. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سندس ڀاءُ آهي ۽ سندن وچ ۾ گڏيل احترام، خلوص ۽ ڀائيچاري جو رشتو آهي. هن چيو ته هو مولانا فضل الرحمان سان رابطن ۽ ملاقاتن جو سلسلو جاري رهندو آهي. اسپيڪر سردار اياز صادق وڌيڪ چيو ته هو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته جڏهن نيت صحيح ۽ مقصد پاڪستان جي بهتري لاءِ هجي ته پوءِ الله تعاليٰ رستا پيدا ڪندو آهي. گذريل ٻه کان ٽن سالن دوران به الله تعاليٰ پاڪستان لاءِ بهتري جا رستا پيدا ڪيا آهن ۽ انشاءَ الله مستقبل ۾ به ملڪ جي بهتري ۽ استحڪام لاءِ رستا هموار ٿيندا. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته قومي اسيمبلي جي ميمبرن سان به سندس ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ٿيندي رهندي آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان لاءِ اهي ئي فيصلا ڪري جيڪي ملڪ ۽ قوم جي بهترين مفاد ۾ هجن.

مزید خبریں