اسلام آباد - 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موثر، جامع ۽ نمائنده گڏيل قومن جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته اهڙي وقت ۾ جڏهن گهڻ رخي نظام کي اهم چئلينجز درپيش آهن، گڏيل قومن جو موثر ڪردار وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويو آهي، گڏيل قومن ۾ سڌارا اسرندڙ ملڪن جي ترجيحن موجب ٿيڻ گهرجن، تڪرارن جي روڪٿام، انهن جي پرامن …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي ملاقات، وزيراعظم پاران موثر، جامع ۽ نمائنده گڏيل قومن جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موثر، جامع ۽ نمائنده گڏيل قومن جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته اهڙي وقت ۾ جڏهن گهڻ رخي نظام کي اهم چئلينجز درپيش آهن، گڏيل قومن جو موثر ڪردار وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويو آهي، گڏيل قومن ۾ سڌارا اسرندڙ ملڪن جي ترجيحن موجب ٿيڻ گهرجن، تڪرارن جي روڪٿام، انهن جي پرامن حل ۽ امن قائم ڪرڻ جي عمل کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان جي دوري تي آيل گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اربع ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي آجيان ڪندي گڏيل قومن جي منشور، گهڻ رخي نظام، عالمي قانون، ڳالهه ٻولهه ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي اصولي عزم کي ساراهيو. هن عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي نمايان خدمتن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم موثر، جامع ۽ نمائنده گڏيل قومن جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن گهڻ رخي نظام کي اهم چئلينجز درپيش آهن، گڏيل قومن جو موثر ڪردار وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويو آهي. هن سيڪريٽري جنرل جي يو اين – 80 قدم جي آجيان ڪندي زور ڀريو ته گڏيل قومن ۾ سڌارا اسرندڙ ملڪن جي ترجيحن موجب ٿيڻ گهرجي جڏهن ته تڪرارن جي روڪٿام، تڪرارن جي پرامن حل ۽ امن قائم ڪرڻ جي عمل کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي. وزيراعظم گڏيل قومن جي امن مشنز جي لاءِ پاڪستان جي پراڻي عزم جو ورجاءُ ڪندي عالمي امن ۽ سلامتي جي قيام لاءِ پاڪستان جي مسلسل خدمتن کي پڻ اجاگر ڪيو. وزيراعظم ڳالهه ٻولهه ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي اجاگر ڪيو جن ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي ۾ پاڪستان جو ڪردار پڻ شامل آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته تڪرارن جي حل ۽ ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي روڪٿام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي واحد قابل عمل رستو آهي. وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم واضح ڪيو ته سنڌ طاس معاهدو هڪ عالمي معاهدو آهي ۽ ان کي هڪطرفي طور تي التوا ۾ رکڻ جو ڀارت جو فيصلو ڪو قانوني بنياد رکندڙ نه آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. هن افغانستان مان ٿيندڙ دهشتگردي ۽ افغان سرزمين تي دهشتگرد گروهن جي موجودگي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن گروهن جي خلاف ٺوس ۽ تصديق جوڳي قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ انهن جي رياست قائم ڪرڻ جي حق جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي غزه امن منصوبي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2803 تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم اسرندڙ ملڪن کي ترقي ۽ موسمياتي لچڪ جي فروغ جي لاءِ گهٽ لاڳت ۽ رعايتي مالي وسيلن تائين وڌ کان وڌ پهچ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس گڏيل قومن ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي پراڻي خدمتن کي ساراهيو جن ۾ گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار ۽ سلامتي ڪائونسل ۾ ان جي تعميري شموليت شامل آهي. سيڪريٽري جنرل ڳالهه ٻولهه، ثالثي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي خصوصي طور تي ساراهيو ۽ گهڻ رخي نظام ۽ گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم جي آجيان ڪئي. بعد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو.









