راولپنڊي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان بيلاروس سيڪيورٽي ڪائونسل جي اسٽيٽ سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل اليگزينڊرولو فويچ جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي وفد جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي ۽ دنيا جي بدلجندڙ سيڪيورٽي صورتحال، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفي دفاعي تعاون جي موجوده دائري ڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ …
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان بيلاروس سيڪيورٽي ڪائونسل جي اسٽيٽ سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل اليگزينڊرولو فويچ جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان بيلاروس سيڪيورٽي ڪائونسل جي اسٽيٽ سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل اليگزينڊرولو فويچ جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي وفد جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي ۽ دنيا جي بدلجندڙ سيڪيورٽي صورتحال، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفي دفاعي تعاون جي موجوده دائري ڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف، جمهوريه بيلاروس سان دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. معزز مهمان دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي مستحڪم بڻائڻ جي گڏيل خواهش جو اظهار ڪيو ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو.









