اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪشمير ۽ ڀرپاسي جابلو علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي اڪثر علائقن تي هوائون موجود آهن، جڏهن ته اترئين علائقن تي اولهه …
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪشمير ۽ ڀرپاسي جابلو علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي اڪثر علائقن تي هوائون موجود آهن، جڏهن ته اترئين علائقن تي اولهه وارين هوائن جو هڪ ڪمزور سلسلو به موجود آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڏکڻ ۽ مٿانهين پنجاب، پوٺوهار خطي ۽ خيبر پختونخوا ۾ ڪٿي ڪٿي، جڏهن ته ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن/ آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي ڳڙو ۽ تيز برسات به پئي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد تربت 42، سبي 40 ۽ ساهيوال ۾ 83 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.










