سربيا جي ٽينس اسٽار نوواڪ جوڪووچ ستون ڀيرو چائنا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو

بيجنگ- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سربيا سان واسطو رکندڙ عالمي شهرت يافته ٽينس اسٽار نوواڪ جوڪووچ ستون ڀيرو چائنا اوپن ٽينس ٽورناينٽ کٽي ورتو آهي. 29 سالن جي سربيا جي اسٽار مردن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ آسٽريليا جي ايلڪس ڊي مينور کي ٻي رائونڊ ۾ فٽنيس مسئلي سبب مقابلو جاري نه رکڻ کان پوءِ ڪاميابي حاصل ڪئي. نوواڪ جوڪووچ ستون ڀيرو چائنا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي …

بيجنگ- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سربيا سان واسطو رکندڙ عالمي شهرت يافته ٽينس اسٽار نوواڪ جوڪووچ ستون ڀيرو چائنا اوپن ٽينس ٽورناينٽ کٽي ورتو آهي. 29 سالن جي سربيا جي اسٽار مردن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ آسٽريليا جي ايلڪس ڊي مينور کي ٻي رائونڊ ۾ فٽنيس مسئلي سبب مقابلو جاري نه رکڻ کان پوءِ ڪاميابي حاصل ڪئي. نوواڪ جوڪووچ ستون ڀيرو چائنا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي مينز سنگلز جو ٽائٽل  پنهنجي نالي ڪيو آهي. واضع رهي ته چائنا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ  جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو گادي واري شهر بيجنگ جي قومي ٽينس سينٽر ۾ جاري آهي.

مزید خبریں