اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ڪانفرنس کان اڳ وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد کي هڪ جديد، مختلف ۽ مثالي خوبصورت شهر ۾ تبديل ڪرڻ جو ويزن ڏنو ويو آهي، ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ۾ هڪ سال کان به گهٽ وقت رهجي ويو آهي، تنهن ڪري سمورن ترقياتي …
ايس سي او ڪانفرنس کان اڳ اسلام آباد کي خوبصورت بڻائڻو آهي: وفاقي وزير محسن نقوي
اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ڪانفرنس کان اڳ وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد کي هڪ جديد، مختلف ۽ مثالي خوبصورت شهر ۾ تبديل ڪرڻ جو ويزن ڏنو ويو آهي، ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ۾ هڪ سال کان به گهٽ وقت رهجي ويو آهي، تنهن ڪري سمورن ترقياتي منصوبن کي ڏينهن رات ڪم ڪري مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو پيو وڃي ته جيئن پاڪستان ايندڙ پرڏيهي معزز مهمانن کي بهترين سهولتون فراهم ڪري سگهجن ۽ ملڪ جي هاڪاري سڃاڻپ اجاگر ٿئي. اسلام آباد ۾ ڪشمير چوڪ انڊر پاس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي پُروقار تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته وزيراعظم خصوصي ٽاسڪ ڏنو آهي ته ڪشمير چوڪ انڊر پاس سميت اهم ٽريفڪ ۽ انفرااسٽرڪچر منصوبا ايس اي او ڪانفرنس کان اڳ هر صورت ۾ مڪمل ڪيا وڃن. هن نئين انڊر پاس ۽ ايڪسپريس وي جي سروس لينز جي مڪمل ٿيڻ سان راولپنڊي اسلام آباد جي شهرن جي مسافرن کي روزانو اچ وڃ ۾ نمايان سهولتون ملنديون ۽ ٻنهي شهرن وچ ۾ سفر جو وقت گهٽجي 16 کان 18 منٽ رهجي ويندو. محسن نقوي اسلام آباد جي ماحول ۽ سياست جي حوالي سان اهم اعلان ڪندي چيو ته اسلام آباد جي ايف نائين پارڪ کي لنڊن جي مشهور هائيڊ پارڪ وانگر عالمي معيار جي جديد تفريحي مرڪز ۾ بدلايو پيو وڃي. ان کانسواءِ وفاقي گادي واري هنڌ ۾ ايشيا جو سڀ کان وڏو سفاري پارڪ بڻائڻ جي به منصوبابندي ڪئي وئي آهي، جيڪو ماحولياتي ۽ تفريحي شعبي ۾ هڪ وڏو سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن وڌيڪ واضح ڪيو ته ماحولياتي تحفظ ۽ شهر کي سرسبز ۽ صاف سٿرو رکڻ جي حڪومتي پاليسي تحت 31 ڊسمبر تائين اسلام آباد کي مڪمل طور تي پلاسٽڪ فري شهر بڻائڻ جي هدف تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو.











