اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه جي صدارت هيٺ هڪ مريض، هڪ آءِ ڊي منصوبي تي گڏيل طور اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ منصوبي کي جلد فعال ڪرڻ لاءِ گڏيل لائحه عمل طئي ڪيو ويو. اجلاس ۾ منصوبي کي جلد لاڳو ڪرڻ لاءِ …
صحت واري وفاقي وزير ۽ آءِ ٽي واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ هڪ مريض، هڪ آءِ ڊي منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزه اجلاس
اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه جي صدارت هيٺ هڪ مريض، هڪ آءِ ڊي منصوبي تي گڏيل طور اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ منصوبي کي جلد فعال ڪرڻ لاءِ گڏيل لائحه عمل طئي ڪيو ويو. اجلاس ۾ منصوبي کي جلد لاڳو ڪرڻ لاءِ عملي قدمن ۽ واضح تحقيقاتي دائري ڪار جوڙڻ تي زور ڀريو ويو. شرڪت ڪندڙن منصوبي جي بهترين معيار ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي ريويو/آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو به ڪيو. صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته هڪ مريض، هڪ آءِ ڊي منصوبي کي وڌيڪ دير ۽ غير ضروري تڪرار جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي. گذريل 14 کان 15 مهينن کان بحث هيٺ مسئلن کي هاڻي باضابطا طور تي دستاويزي شڪل ڏني وڃي ۽ منصوبي جي سڀني مسئلن جو عملي حل ڪڍڻ گهرجي. هن منصوبي لاءِ هڪ واضح لائحه عمل تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته منصوبي ۾ امڪاني خامين جي نشاندهي ۽ انهن کي درست ڪرڻ لاءِ قدم به تحقيقاتي دائري ڪار جو حصو بڻايا وڃن. سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته منصوبي جو ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪيو وڃي ته جيئن ان جي اڳڀرائي، خامين ۽ گهربل سڌارن جو غير جانبداراڻو جائزو وٺي سگهجي. صرف مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ ڪافي ناهي، پر انهن کي حل ڪرڻ لاءِ واضح قدم ۽ ذميواريون پڻ مقرر ڪيون وڃن. وفاقي وزير چيو ته سڀئي لاڳاپيل ادارا پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪن ۽ هڪ گڏيل طريقيڪار تحت منصوبي کي عملي طور تي اڳتي وڌائين. ان موقعي تي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو ته ٽيڪنالاجي ۽ صحت جو بهترين ميلاپ ميڊيڪل رڪارڊ ذريعي علاج جي نظام کي شفاف ۽ جديد بڻايو پيو وڃي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته عوام جي ڀلائي لاءِ سڀئي لاڳاپيل ادارا گڏيل طريقيڪار تحت منصوبي کي تيزي سان حتمي شڪل ڏيندا. سسٽم کي سمجهڻ ۽ ان کي اثرائتي انداز ۾ هلائڻ لاءِ صحت واري وزارت ۾ هڪ آءِ ٽي ونگ فعال ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. صحت واري وفاقي وزير ٻڌايو ته پاڪستان ۾ يونيورسل ميڊيڪل رڪارڊ جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي، جنهن تي تيزي سان ڪم جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت يونيورسل ميڊيڪل رڪارڊ جو جامع ڊيٽا موجود ناهي. سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته منصوبي تحت، هر شهري جو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ئي ان جو منفرد ميڊيڪل رڪارڊ نمبر (ايم آر نمبر) هوندو. هن نظام ذريعي مريض جو ميڊيڪل رڪارڊ مختلف اسپتالن ۽ ادارن ۾ وکرجڻ بدران هڪ سڃاڻپ تحت دستياب هوندو. هن چيو ته هڪ اسپتال کان ٻئي اسپتال منتقل ٿيڻ جي صورت ۾ مريض جو اڳوڻو ميڊيڪل رڪارڊ آساني سان دستياب ٿي سگهندو، جڏهن ته يونيورسل ميڊيڪل رڪارڊ ذريعي مريض جي مڪمل طبي تاريخ تائين پهچ ممڪن ٿيندي. اجلاس ۾ لاڳاپيل اختيارين ۽ ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ منصوبي کي اثرائتو، شفاف ۽ جديد گهُرجن مطابق فعال بڻائڻ لاءِ مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.











