وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو پنهنجي چونڊ تڪ جو دورو

ڄامشورو- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه هڪ ڏينهن جي دوري تي پنهنجي چونڊ تڪ ڀان سعيدآباد پهتو، جتي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري ۽ ايس ايس پي محمد ظفر صديق ڇانگا سندس استقبال ڪيو. وڏي وزير ڳوٺ مناهيون پهچي پنهنجي ويجهي دوست شمن راهپوٽو سان سندس سوٽ عثمان راهپوٽو جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي …

ڄامشورو- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه هڪ ڏينهن جي دوري تي پنهنجي چونڊ تڪ ڀان سعيدآباد پهتو، جتي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري ۽ ايس ايس پي محمد ظفر صديق ڇانگا سندس استقبال ڪيو. وڏي وزير ڳوٺ مناهيون پهچي پنهنجي ويجهي دوست شمن راهپوٽو سان سندس سوٽ عثمان راهپوٽو جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جمهوري اصولن تي يقين رکي ٿي ۽ معاملن کي ڳالهين ۽ مفاهمت ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي. هن چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، جن دوران ڪجهه معاملن تي اڳڀرائي ٿي، جڏهن ته ڳالهين جي نتيجي بابت سمورا تفصيل سامهون آهن. وڏي وزير چيو ته ڪوشش اها هجڻ گهرجي ته غيرمعمولي قدمن کانسواءِ معاملا حل ڪيا وڃن، جڏهن ته دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ صورتحال موجب مناسب قدم کڻڻ ضروري آهن. هن چيو ته ڀان سعيدآباد، سيوهڻ ۽ ڪراچي سميت ڪنهن به هنڌ گٽرن ۾ ٻارن جي ڪرڻ جهڙا افسوسناڪ واقعا برداشت نٿا ڪري سگهجن ۽ اهڙن واقعن تي لاڳاپيل ادارن کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته وفاقي وزير عبدالعليم خان جي روڊ بابت ڳالهه سندس نظر مان گذري آهي ۽ اميد آهي ته ان منصوبي تي اڳڀرائي ٿيندي. هن چيو ته حيدرآباد – سکر موٽروي بابت اڳ به اعلان ۽ افتتاح ٿي چڪو آهي، هاڻي ان منصوبي کي عملي شڪل ڏئي روڊ جي تعمير طرف اڳتي وڌڻ گهرجي. بعد ۾ وڏي وزير ويهڙ شريف پهچي پير آف ويهڙ شريف شفيق احمد ويهڙائي سان سندس مامي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ٽلٽي ۾ ايڊووڪيٽ عبدالسلام راجپوت سان سندس ڀاءُ عبدالحميد راجپوت جي لاڏاڻي تي پڻ تعزيت ڪئي. سيد مراد علي شاهه ڳوٺ آبساڻي ۾ ذوالفقار پنهور سان سندس مائٽ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ مرحوم لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي. ٻئي طرف ڳوٺ ڪرمپور ۾ وڏي وزير جي دوري دوران بجلي جي فراهمي معطل رهڻ بابت علائقي واسين پاران شڪايتون سامهون آيون. رهواسين بجلي جي فراهمي بحال نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي لاڳاپيل اختيارين کان مسئلو حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.