ڊي آءِ خان ۾ فائرنگ جي ٻن واقعن ۾ ايف بي آر ۽ پوليس جا 5 اهلڪار شهيد

پشاور- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردي جي ٻن مختلف واقعن ۾ پوليس ۽ ايف بي آر جا 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا. ڊي پي او، ڊي آءِ خان ضياءُ الدين احمد موجب گومل يونيورسٽي ٿاڻي جي حدن ۾ اڀايا پل تي قريشي موڙ ويجهو هٿياربندن هڪ گاڏي تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ايف بي آر جا 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا. سندس چوڻ …

پشاور- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردي جي ٻن مختلف واقعن ۾ پوليس ۽ ايف بي آر جا 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا. ڊي پي او، ڊي آءِ خان ضياءُ الدين احمد موجب گومل يونيورسٽي ٿاڻي جي حدن ۾ اڀايا پل تي قريشي موڙ ويجهو هٿياربندن هڪ گاڏي تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ايف بي آر جا 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا. سندس چوڻ هو ته لاشن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ شهيد ٿيل ٻه اهلڪار ايف بي آر جا مستقل ملازم ۽ ٻه ڪانٽريڪٽ تي هئا جن جي سڃاڻپ 29 سالن جو وسيم ولد غلام يوسف، 37 سالن جو رحمت الله ولد مير باز خان، 25 سالن جو سلمان الاهي ولد الاهي بخش ۽ محمد اويس ولد جهانگير طور تي ٿي آهي. ٻئي طرف بنون روڊ تي ٽريفڪ پوليس موبائيل تي اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو. ٽريفڪ پوليس موبائيل تي فائرنگ سان هڪ اهلڪار زخمي به ٿي پيو، ڊي پي او ٻڌايو ته ايف بي آر اهلڪارن ۽ ٽريفڪ پوليس کي ڊيوٽي دوران نشانو بڻايو ويو جڏهن ته پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته ڊي آءِ خان شهر ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.