وزيراعظم محمد شهباز شريف سان انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل گلبرٽ ايف هونگبو جي وفد سان ملاقات

اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان، نوجوانن جي لاءِ باوقار ۽ ڪارائتي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن سان پنهنجي مثبت حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان جي هنرمند افرادي قوت جي عالمي سرٽيفڪيشن ۽ پيشيواراڻي تربيت جي سلسلي ۾ عالمي ليبر مارڪيٽ جي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ انٽرنيشنل ليبر …

اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان، نوجوانن جي لاءِ باوقار ۽ ڪارائتي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن سان پنهنجي مثبت حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان جي هنرمند افرادي قوت جي عالمي سرٽيفڪيشن ۽ پيشيواراڻي تربيت جي سلسلي ۾ عالمي ليبر مارڪيٽ جي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيسن پاران وڌيڪ سهولت مددگار ثابت ٿيندي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل گلبرٽ ايف هونگبو پنهنجي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي شاندار آجيان ڪندي پاڪستان ۽ آءِ ايل او جي وچ ۾ مضبوط تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن سان پنهنجي مثبت حصيداري خاص طور تي هنرمند افرادي قوت ۽ نوجوانن جي لاءِ پيداواري روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم خاص طور تي ان ڳالهه جي ضرورت تي زور ڏنو ته پاڪستان جي هنرمند افرادي قوت جي عالمي سرٽيفڪيشن ۽ پيشيواراڻي تربيت جي سلسلي ۾ عالمي ليبر مارڪيٽ جي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن پاران وڌيڪ سهولت مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته عالمي معاهدن جي گهرجن موجب ڪومت قومي افرادي قوت جي ڀلائي، تحفظ ۽ پيشيواراڻي ترقي جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته صنعتي ترقي، پيداواري صلاحيت ۽ اسان جي ليبر مارڪيٽ جي چٽاڀيٽي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ حڪومت سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) کي نئين سر فعال ڪيو آهي. هن زور ڀريو ته انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن سان وڌيڪ مضبوط تعاون ۽ تعميري رابطا سميڊا جي قدمن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل گلبرٽ ايف هونگبو ملاقات تي وزيراعظم جا دل سان ٿورا ادا ڪيا. ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان سان گڏجي ملڪ جي افرادي قوت جي تحفظ، پيشيواراڻي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏيل ڪوششون اڳتي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايل او ۽ سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي واري وزارت جي وچ ۾ مثبت رابطي کي پڻ ساراهيو. گلبرٽ ايف هونگبو پاڪستان ۾ حڪومت، آجرن ۽ ملازمن سان انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيسن جي مسلسل تعاون جو ورجاءُ ڪندي افرادي قوت جي ترقي ۽ صنعتي اڳڀرائي جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل سان گڏ سينيئر صلاحڪار هيتومي ناڪاگومي ۽ پاڪستان ۾ آءِ ايل او جي ڪنٽري آفيس جو ڊائريڪٽر گير ٿامس ٽونسل پڻ موجود هئا. سمنڊ پاڪستاني ۽ انساني وسيلن جي ترقي وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي، وقتي پرڏيهي سيڪريٽري نبيل منير، ايمپلائرز فيڊريشن آف پاڪستان جو صدر مجيد عزيز، آءِ ايل او جي گورننگ باڊي جو ڊپٽي ميمبر (ورڪرز) محمد سعد ۽ اعلى حڪومتي عملدار ملاقات ۾ شريڪ هئا.