اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شفا انٽرنيشنل اسپتال ۾ علاج هيٺ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلي ميمبر جلال خان جي عيادت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جلال خان جي خيريت معلوم ڪئي ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته جلال خان هڪ متحرڪ ۽ فعال سياستدان آهي، هو عوامي …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران شفا انٽرنيشنل اسپتال ۾ علاج هيٺ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلي ميمبر جلال خان جي عيادت

مزید خبریں
اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شفا انٽرنيشنل اسپتال ۾ علاج هيٺ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلي ميمبر جلال خان جي عيادت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جلال خان جي خيريت معلوم ڪئي ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته جلال خان هڪ متحرڪ ۽ فعال سياستدان آهي، هو عوامي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته جلال خان سدائين عوامي خدمت ۽ پنهنجي تڪ جا مسئلا اجاگر ڪرڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي، سندس سياسي ۽ عوامي سرگرميون قابل قدر آهن، اميد آهي هو جلد صحتيابي ٿي پنهنجي معمول جون سرگرميون ٻيهر شروع ڪندو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جلال خان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالى کيس جلد مڪمل صحتيابي عطا فرمائي. وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ پڻ اطلاعات واري وفاقي وزير سان گڏ هو.











