اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري مملڪتي وزير سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ تازين ڳالهين ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ نيشنل ايڪشن پلان جي نڪتن تي 100 سيڪڙو اتفاق راءِ ٿي چڪو هو، حڪومت ملڪ جي سلامتي خاطر مخالف ڌر کي اميد کان وڌي ڪري سياسي رعايتون ۽ ميدان فراهم ڪري ڇڏيو ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير آخري مرحلي ۾ …
ڪي پي ۾ گورنر راڄ يا ايمرجنسي سميت سمورا آئيني آپشن غور هيٺ آهن: سينيٽر طلال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري مملڪتي وزير سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ تازين ڳالهين ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ نيشنل ايڪشن پلان جي نڪتن تي 100 سيڪڙو اتفاق راءِ ٿي چڪو هو، حڪومت ملڪ جي سلامتي خاطر مخالف ڌر کي اميد کان وڌي ڪري سياسي رعايتون ۽ ميدان فراهم ڪري ڇڏيو ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير آخري مرحلي ۾ نيون رڪاوٽون وجهي سموري ڳالهه کي نقصان پهچائي ڇڏيو، ٻڌايو وڃي ته آخر ڪهڙو سبب آهي جو گذريل 11 سالن کان جتي سيڪيورٽي فورسز، ٻين سياسي پارٽين ۽ عام شهرين جا جنازا کڄي رهيا آهن اتي صرف پي ٽي آءِ محفوظ آهي ۽ ان لاءِ شدت پسندن جو رويو نرم آهي، خيبرپختونخوا جي صورتحال تي وفاق وٽ گورنر راڄ يا ايمرجنسي سميت سمورا آئيني آپشنز غور هيٺ آهن، پر حڪومت جي پهرين ترجيح هاڻي به سياسي حل ۽ ڳالهيون ئي آهي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير چيو ته ڳالهين واري عمل جي بنيادي ترجيح صرف دهشتگردي جو خاتمو ۽ ڪي پي حڪومت طرفان نيشنل ايڪشن پلان تي ماضي جي عدم دلچسپي جو ازالو آهي، مخالف ڌر جي وفد وفاق کي خاطري ڪرائي ته هو صوبائي حڪومت ۽ پارٽي قيادت طرفان مڪمل بااختيار آهن، پهرين ڏينهن جي ڳالهين کانپوءِ مخالف ڌر اڳواڻ پشاور وڃي ڪي پي جي وڏي وزير ۽ ٻين اڳواڻن کان باقاعده توثيق حاصل ڪئي ۽ وفاقي حڪومت کي واضح خاطري ڪرائي ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ وفاقي گهرو وزير جي پيش ڪيل سمورن نڪتن تي سئو سيڪڙو متفق آهن. طلال چوڌري چيو ته جڏهن ته گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته پي ٽي آءِ دهشتگردي جي خاتمي تي مڪمل ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهي ته هن تاريخي لچڪ جو مظاهرو ڪندي گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته مخالف ڌر کي جيترو سياسي اسپيس ۽ مطالبا گهربل آهن اهي ڏنا وڃن. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم جو صاف موقف هو ته سياسي نفعو ۽ نقصان عارضي شيءِ آهي، جهڙي طرح معاشي ڏيوالپڻي کان بچڻ لاءِ پنهنجي مقبوليت جي پرواهه نه ڪئي وئي اهڙي طرح جيڪڏهن 26 ڪروڙ عوام کي امن ملي ٿو ۽ روزانو کڄندڙ جنازا رڪجن ٿا ته مخالف ڌر کي سياسي رعايتون ڏيڻ ۾ ڪا به هٻڪ ناهي، ان فيصلي کانپوءِ سياسي معاملن، باني جي صحت، ملاقاتن ۽ اڳواڻن جي قانوني معاملن تي ٻڌل مسودو تيار ڪيو ويو ۽ مخالف ڌر جي هر تجويز موجب ڪيترائي ڀيرا ترميمون به قبول ڪيون ويون. سينيٽر طلال چوڌري افسوس جو اظهار ڪيو ته جڏهن سمورا سياسي مطالبا تسليم ٿي ويا ۽ مخالف ڌر وٽ دهشتگردي خلاف قومي بياني تان پوئتي هٽڻ جو ڪو به جواز باقي نه رهيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سان فون تي رابطي کان فوري پوءِ مخالف ڌر جي وفد پاسو بدلائي ڇڏيو ۽ نظرون ملائڻ بنا ڳالهين جي عمل تان پوئتي هٽي ويا. هن پي ٽي آءِ کان سڌي ريت سوال پڇيا ته خيبرپختونخوا ۾ جتي جنازن، شادين ۽ڪارنر گڏجاڻين تي حملن جو خطرو هوندو آهي اتي پي ٽي آءِ بنا روڪ ٽوڪ ڪيئن جلسا جلوس ڪڍندي آهي، 2015ع کانپوءِ هن وقت تائين انهن جو ڪو به قومي يا صوبائي اڳواڻ نشانو ڇو نه بڻيو. خيبرپختونخوا حڪومت سيڪيورٽي فورسز طرفان دهشتگردن خلاف ڊرون جي موثر دفاعي استعمال جي مخالفت ڪري ڪنهن جي مفادن جو تحفظ ڪري رهي آهي. صحافين جي سوالن جو جواب ڏيندي سينيٽر طلال چوڌري واضح ڪيو ته رياست جا دروازا ڳالهين لاءِ ڪڏهن به بند ناهن ٿيا هاڻي ڪنهن به ڳالهين لاءِ ڏکيا شرط لاڳو ٿيندا. هن چيو ته رياست تي يلغار، گادي واري شهر تي ڪاهه ۽ اسڪولن ۽ امتحان بند ڪرائي معيشت کي مفلوج ڪندڙ پُرتشدد مارچ جو سلسلو فوري طور تي ختم ڪرڻو پوندو. گهرو وزير جي پيش ڪيل دهشتگردي جي نڪتن تي سئو سيڪڙو عملدرآمد جي لکت ۾ خاطري کانپوءِ بنا آئنده ڪا به سياسي رعايت نه ملندي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي حڪومت، صدر مملڪت ۽ سمورا رياستي ادارا نيڪ نيتي سان ان ميز تي ويٺا هئا ۽ مخالف ڌر کي اهو سڀ ڪجهه ڏنو پيو وڃي جنهن جي کين خبر به نه هئي پر پي ٽي آءِ قيادت پنهنجا سياسي بهانا ختم ٿيڻ جي خوف کان فرار ٿي. اسلام آباد طرف مارچ جي ڌمڪين تي هن چيو ته 26 ڪروڙ جي ملڪ جي ڪجهه هزارن جي جٿن جي رحم ڪرم تي نه ڇڏيو ويندو. رياست ماءُ وانگر شفقت ضرور ڪندي آهي پر جڏهن ضدي ٻار ان جي وجود ۽ امن کي چئلينج ڪري ته رياست کي والد وانگر قانون ۽ آئين تحت سخت فيصلا به ڪرڻا پوندا آهن، ان حوالي سان سموريون قانوني ۽ آئيني تياريون مڪمل آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير واضح ڪيو ته خيبرپختونخوا جي صورتحال تي وفاق وٽ گورنر راڄ يا ايمرجنسي سميت سمورا آئيني آپشنز غور هيٺ آهن، جڏهن ته حڪومت جي پهرين ترجيح هاڻي به سياسي حل ۽ ڳالهيون ئي آهي. هن تبيهه ڪئي ته رياست ماءُ وانگر شفقت ضرور ڪندي آهي پر رٽ چئلينج ڪندڙن خلاف والد جو سخت ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سموريون آئيني ۽ قانوني تياريون مڪمل آهن.











