اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته معيشت جو استحڪام معيشت جي بنيادي ضرورت آهي، حڪومت جي مالي ۽ پرڏيهي شعبي ۾ استحڪام جي نتيجي ۾ مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو، پائيدار اقتصادي ترقي لاءِ مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جو ميلاپ ضروري آهي، حڪومت عارضي تيزي بدران ذميواراڻي ۽ پائيدار معاشي اوسر کي يقيني بڻائڻ …
معيشت جي استحڪام سان ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو، پائيدار اقتصادي ترقي لاءِ مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جو ميلاپ ضروري آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب
اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته معيشت جو استحڪام معيشت جي بنيادي ضرورت آهي، حڪومت جي مالي ۽ پرڏيهي شعبي ۾ استحڪام جي نتيجي ۾ مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو، پائيدار اقتصادي ترقي لاءِ مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جو ميلاپ ضروري آهي، حڪومت عارضي تيزي بدران ذميواراڻي ۽ پائيدار معاشي اوسر کي يقيني بڻائڻ جي راهه تي گامزن آهي، ملڪ کي هر قسم جي پاڻ پيدا ڪيل معاشي نقصان کان محفوظ رکيو ويندو ڇاڪاڻ ته معاشي سرگرمين ۾ روزانو جي رڪاوٽن سان معيشت کي نقصان ٿو پهچي. اڱاري ڏينهن گڏيل قومن جي اداري يو اين ڊي پي جي انتظام هيٺ ايس ڊي جيز انويسٽمينٽ فيئر 2026ع کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ڪجهه سال اڳ پاڪستان کي جي ڊي پي جي 12.5 سيڪڙو جي مجموعي ٻٽي خساري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو جيڪو هاڻي جون جي پڄاڻي تائين گهٽ ٿي اٽڪل 2.6 سيڪڙو رهجي ويو آهي، مالياتي خسارو 22 سالن جي گهٽ ترين سطح تي آهي جڏهن ته مسلسل 3 سالن کان بنيادي مالي سرپلس رڪارڊ ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته پرڏيهي شعبي ۾ به نمايان بهتري آئي آهي ۽ تازو ئي اسٽيٽ بئنڪ جي مٽا سٽا واري ناڻي جا ذخيرا 21.4 ارب ڊالرن جي تاريخي بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن جيڪي اٽڪل 3 مهينن جي آمدني واپار لاءِ ڪافي آهن.، معاشي سڌارن جي شروعات وقت ملڪ وٽ صرف 2 هفتن جي آمدني واپار جي برابر مٽاسٽا وارو ناڻو موجود هو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت معاشي اوسر کي اهميت ڏئي ته جيئن اها اوسر ذميواراڻي بنياد تي ٿيڻ گهرجي ته جيئن ماضي جي عروج ۽ زوال جي معاشي چڪرن کان بچي سگهجي، اٽڪل 3 سال اڳ ملڪي معيشت ڪمزور هئي جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي لاءِ اٽڪل 4 سيڪڙو اقتصادي اوسر جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ناڻي واڌ ۾ تازو اضافو پرڏيهي ۽ علائقائي تڪرارن جي اثرن سبب ٿيو جڏهن ته پاليسي ريٽ 11.5 سيڪڙو تي برقرار آهي، حڪومت ۽ اسٽيٽ بئنڪ مهانگائي ۽ اقتصادي اوسر سميت اهم معاشي اهڃاڻن تي مسلسل نظر رکي پئي. هن چيو ته ڪُلي معيشت جي استحڪا بحال ٿيڻ سان پرڏيهي سيرپڪارن لاءِ منافعو ۽ ڊويڊنڊ جي وطن واپسي به معمول جو عمل بڻجڻ ۾ مدد ملندي، ان کان پوءِ مقامي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيڪ مستحڪم ٿيڻ ۽ انهن جي سيڙپڪاري ۾ اضافو پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ به بنياد فراهم ڪندو. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته هاڻوڪن ڏينهن ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي نجڪاري جي عمل ۾ ٻن وڏن ڪاروباري گروپس جو گڏيل طور تي اٽڪل 1.2 ارب ڊالرز جي واڪ ۾ حصو وٺڻ ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته مقامي ڪاروباري گروپس هاڻي گڏيل منصوبن ۽ ڪنسوريشيمز ذريعي وڏي پئماني تي سيڙپڪاري لاءِ اڳيان وڌي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل مالي سال دوران 11 آءِ پي اوز جو بندوبست به اٽڪل ٻن ڏهاڪن جي بلند ترين سطح تي آهي جڏهن ته گذريل ٽه ماهي دوران پنج آءِ پي اوز هئا، وڌيڪ آءِ پي اوز جي اميد آهي جڏهن ته ايندڙ ڪجهه سالن دوران اٽڪل 22 ريئل اسٽيٽ انويسٽمينٽ ٽرسٽس جي لسٽنگ جي به اميد آهي. ناڻي واري وزير چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج ذريعي ڪمپنيون ناڻو گڏ ڪنديون آهن ته جيئن پنهنجي ڪاروباري آپريشنز کي سگهه وٺائي سگهن، نئين سيڙپڪاري ڪري سگهن يا نوان پيداواري يونٽس قائم ڪن، ان لاءِ اهو رجحان ملڪي معيشت ۾ مقامي سيڙپڪاري جي وڌندڙ اعتماد جي علامت آهي. هن چيو ته پرڏيهي سيڙپڪاري جي حوالي سان به هاڪاري اڳڀرائي سامهون آئي آهي، هڪ عالمي سيڙپڪار اداري پاڪستان ۾ ايندڙ 3 سالن دوران هڪ ارب ڊالرن جي منصوبابند سيڙپڪاري کي وڌائي 1.5 ارب ڊالر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، اهڙي طرح نجڪاري جي عمل ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي دلچسپي به وڌي رهي آهي ۽ بجلي جي ورهاست وارين ڪمپنين جي نجڪاري جي عمل ۾ 3 ترڪيه جي ڪمپنين پاران دلچسپي ظاهر ڪرڻ ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته عالمي سيڙپڪار پاڪستان ۾ موقعن جو جائزو وٺي رهيا آهن. هن چيو ته تازو يورو بانڊ جاري ڪرڻ ۾ سيڙپڪارن جي طلب اٽڪل 6 ارب ڊالرز رهي جيڪا جاري ڪيل ڳاڻيٽي جي اٽڪل ٻيڻي هئي، پنجن سالن ۽ 10 سالن جي عرصي جي بانڊز ۾ ايشيائي ۽ وچ اوڀر جي سيڙپڪارن کان علاوه وڏي تعداد ۾ يورپي ۽ آمريڪي بليو چپ سيڙپڪارن به دلچسپي ظاهر ڪئي. عالمي سيڙپڪار پاڪستان جي معيسٽ جي رخ ۾ بهتري کي ڏسي رهيا آهن ۽ حڪومت جي معاشي سڌارن جي نتيجي ۾ ملڪ جي لاءِ عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ اعتماد بحال ٿيو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت کي اهو ادراڪ آهي ته سمورا مسئلا حل ته ناهن ٿيا ۽ خطي ۾ جاري تڪرارن سميت ڪيترائي پرڏيهي عمل پاڪستاني معيشت کي متاثر ڪري سگهن ٿا، حڪومت انهن حالتن ۾ مهانگائي، اقتصادي اوسر ۽ توانائي ۽ آمدني واپار بابت معاملن تي گهري نظر رکي پئي. هن سمورن لاڳاپيل حلقن تي زور ڀريو ته ملڪ کي هر قسم جي پيدا ڪيل معاشي نقصانن کان محفوظ رکيو وڃي ڇاڪاڻ ته معاشي سرگرمين ۾ روزانو جي رڪاوٽن سان معيشت کي نقصان پهچي ٿو. هن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي هٿي وٺائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته سنڌ حڪومت ان ماڊل جي موثر استعمال جي حوالي سان ٻين صوبن ۽ وفاق لاءِ هڪ مثال قائم ڪيو آهي، نجڪاري جي عمل ۾ به سرڪاري ۽ نجي شعبي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ اڳيان وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن جو چوڻ هو ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاليسي، مالي وسيلا ۽ منصوبن جي عملي تياري کي گڏ ڪرڻو پوندو، پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن ان سلسلي ۾ عالمي سطح تي نئين تعاون جي هڪ پل لاءِ پاڻ کي شامل ڪيو آهي جنهن جو مقصد پاليسي سازي کان اڳيان وڌي عملي قدمن ۽ قابل سيڙپڪاري منصوبن جي تياري آهي، پاڪستان موسمياتي پاليسي فريم ورڪ شعبي ۾ ذڪر جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي جنهن ۾ نيشنل ڊٽرمائينڊ ڪنٽريبيوشنز، نيشنل ڊيز گنيٽڊ اٿارٽي، گرين ٽيڪسانامي ۽ ڪلائميٽ پراسپيريٽي پلان شامل آهن. هن اسٽيٽ بئنڪ پاران گرين ٽيڪسانامي متعارف ڪرائڻ ۽ ماحولياتي، سماجي ۽ گورننس انڊيڪس جي جاري ڪرڻ کي به اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسيليٽيشن سميت گهڻ رخي ادارن جون سهولتون دستياب آهن جڏهن ته پاڪستان گرين بانڊز جي شعبي ۾ به عوامي قدم کنيا آهن. اپريل ۾ جاري ٿيل ملڪ جو پهريون پانڊا بانڊ گرين بانڊ هو جنهن مان حاصل وسيلا پاڻي بابت منصوبن لاءِ استعمال ڪيا ويندا. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان هن وقت عالمي مالياتي فنڊ جي پروگرام تي به عمل پيرا آهي ۽ آءِ ايم ايف مشن جو ملڪ ۾ موجود هئڻ ان سلسلي ۾ جاري تعاون جو حصو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون درست رخ ۾ اڳيان وڌي رهيون آهن. هن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، نجي شعبي ۽ گهڻ رخي ترقياتي شراڪتدارن تي زور ڀريو ته هو آبادي ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن بنيادي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪن.











