راولپنڊي - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز ويزن عزم استحڪام تحت فتنه الخوارج خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪندي 5 خوارجين کي جهنم حوالي ڪرڻ جڏهن ته 2 کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن مطابق فورسز اتر وزيرستان ۽ ان جي آسپاس ۾ خوارجين جي ڳجهين پناهه گاهن ۽ چر پر تي مسلسل نظر رکي آهي. تصديق ٿيل ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي فورسز سندن ٺڪاڻن …
اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 5 دهشتگرد مارجي ويا، 2 زخمي

مزید خبریں
راولپنڊي – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز ويزن عزم استحڪام تحت فتنه الخوارج خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪندي 5 خوارجين کي جهنم حوالي ڪرڻ جڏهن ته 2 کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن مطابق فورسز اتر وزيرستان ۽ ان جي آسپاس ۾ خوارجين جي ڳجهين پناهه گاهن ۽ چر پر تي مسلسل نظر رکي آهي. تصديق ٿيل ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي فورسز سندن ٺڪاڻن تي فيصلائتا ۽ اثرائتا حملا ڪيا. ڪارروائي دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد جهنم ڀيڙا ڪيا ويا ۽ 2 زخمي حالت ۾ پڪڙيا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته فورسز دهشتگردن جي موجودگي وارن مخصوص علائقن کي گهيري ۾ وٺي ڪليئرنس آپريشن مڪمل ڪيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن ان عزم جو ورجاءُ به ڪيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز قومي ويزن عزم استحڪام تحت ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ شرپسندن کي امن تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.










