اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٺاهيل نيشنل ايڪشن پلان رڳو ڪا عام انتظامي حڪمت عملي ناهي پر اهو پاڪستان جي آئين، ملڪي سلامتي ۽ قرآن ۽ سنت جي ان تعليم سان جڙيل آهي، جن مان اسان رهنمائي وٺندا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسلام ناحق رت وهائڻ، فتنه ۽ فساد پکيڙڻ ۽ انساني حياتين جي نقصان جي …
نيشنل ايڪشن پلان ڪا عام انتظامي حڪمت عملي ناهي، قرآن ۽ سنت جي تعليم، آئين ملڪي سلامتي سان جڙيل آهي: طلال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٺاهيل نيشنل ايڪشن پلان رڳو ڪا عام انتظامي حڪمت عملي ناهي پر اهو پاڪستان جي آئين، ملڪي سلامتي ۽ قرآن ۽ سنت جي ان تعليم سان جڙيل آهي، جن مان اسان رهنمائي وٺندا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسلام ناحق رت وهائڻ، فتنه ۽ فساد پکيڙڻ ۽ انساني حياتين جي نقصان جي سختي سان منع ڪري ٿو. پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير چيو ته دهشتگردي خلاف اهو بيانيو ڪنهن هڪ شخص، هڪ حڪومتي پارٽي يا ڪنهن خاص صوبي جو ناهي پر پوري پاڪستان ۽ ان جي 26 ڪروڙ عوام جو گڏيل موقف آهي. هن چيو ته ان قومي لائحه عمل کي پنجابي، پختون، سنڌي يا بلوچ جي لساني دائري ۾ ورهائي نٿو سگهجي، اهو پلان پاڪستان رياست جي بقا، امن، استحڪام ۽ آئيني گهرجن تحت جوڙيو ويو آهي. جنهن جون پاڙون اسلامي تعليم ۽ شريعت جي اصولن ۾ پيوست آهن.










