پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي

اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري تي تيزي جو رجحان رهيو ۽ شروعاتي سيشن ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 630.17 پوائنٽس جي اضافي کان پوءِ هڪ لک 66 هزار 497 پوائنٽس ٿي ويو. مجموعي طور تي 164.20 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جن جي ماليت 6.39 ارب روپيا هئي. ڪاروباري سرگرمين دوران 570 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 250 …

اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري تي تيزي جو رجحان رهيو ۽ شروعاتي سيشن ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 630.17 پوائنٽس جي اضافي کان پوءِ هڪ لک 66 هزار 497 پوائنٽس ٿي ويو. مجموعي طور تي 164.20 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جن جي ماليت 6.39 ارب روپيا هئي. ڪاروباري سرگرمين دوران 570 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 250 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، 208 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 112 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ورلڊ ڪال ٽيليڪام جي 15.09 ڪي اليڪٽرڪ جي 12.70 ۽ پاڪستان انٽرنيشنل بلڪ ٽرمينل جي 11.39 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي.