سعودي ولي عهد سان آمريڪي سينيٽر جي ملاقات، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

رياض-06 آڪٽوبر(اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان رياض ۾ آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن بابت ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر ڪرس مرفي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران عالمي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات دوران سعودي عرب ۽ آمريڪا وچ ۾ موجود لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن …

رياض-06 آڪٽوبر(اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان رياض ۾ آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن بابت ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر ڪرس مرفي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران عالمي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات دوران سعودي عرب ۽ آمريڪا وچ ۾ موجود لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي آمريڪا ۾ مقرر سعودي سفير شهزادي ريما بنت بندر بن سلطان، شهزاده فيصل بن فرحان ۽ قومي سلامتي جو مشير ڊاڪٽر مساعد بن محمد العيبان به موجود هئا.