تهران-06 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي مالياتي ادارن کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هنن ايران سان ڪاروبار ڪيو ته واشنگٽن انهن تي پابنديون لاڳو ڪري سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا آمريڪي ناڻي واري وزير جي بيان جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته جيڪي پرڏيهي مالياتي ادارا پابندين جو شڪار ايراني ادارن سان ڏي وٺ جاري رکندا انهن کي ڪنهن به وقت بغير اڳواٽ اطلاع جي آمريڪي پابندين کي منهن …
آمريڪي پرڏيهي کاتي مالياتي ادارن کي ايران سان ڪاروبار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

مزید خبریں
تهران-06 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي مالياتي ادارن کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هنن ايران سان ڪاروبار ڪيو ته واشنگٽن انهن تي پابنديون لاڳو ڪري سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا آمريڪي ناڻي واري وزير جي بيان جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته جيڪي پرڏيهي مالياتي ادارا پابندين جو شڪار ايراني ادارن سان ڏي وٺ جاري رکندا انهن کي ڪنهن به وقت بغير اڳواٽ اطلاع جي آمريڪي پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو. اهڙن ادارن کي فوري طور تي اهي سرگرميون ۽ لاڳاپا ختم ڪرڻ گهرجن. ناڻي واري وزير ان مهم تحت ايران جي مالياتي ڪرپٽو ڪرنسي، ريلوي گاڏين ۽ صنعتي شعبن تي نيون پابنديون به لاڳو ڪيون آهن. آمريڪا پاران گڏيل عرب امارات ۽ ترڪيه جي ٻن بينڪن خلاف به ڪارروائي ڪئي وئي آهي جن تي ايران جي حڪومت جي مبينه مدد جو الزام آهي.











