پشاور- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، ڊيره اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي دوران 3 خارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خيبر پختونخوا مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون موثر ڪارروائيون قابل تحسين آهن. دهشتگردن خلاف ڪارروائيون انهن جي …
خيبر پختونخوا جي گورنر پاران ڊيره اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي تي خراجِ تحسين

مزید خبریں
پشاور- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، ڊيره اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي دوران 3 خارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خيبر پختونخوا مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون موثر ڪارروائيون قابل تحسين آهن. دهشتگردن خلاف ڪارروائيون انهن جي نيٽ ورڪس کي ڪمزور ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته فتنه الخوارج خلاف عزم استحڪام ويزن تحت ڪارروائيون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جاري رکيون وينديون. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون قوم جي عزم ۽ حوصلي کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.











