اسلام آباد-05 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته استاد قوم جي مستقبل جا معمار آهن جيڪي نئين نسل کي رڳو علم ئي نه پر ڪردار،نظم ۽ ضبط، سوچڻ جي صلاحيت ۽ خود اعتمادي به فراهم ڪن ٿا. استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ناروروال ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي هر ڪاميابي پٺيان …
استاد صرف نسل نه پر قومن جو مستقبل تعمير ڪندا آهن: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد-05 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته استاد قوم جي مستقبل جا معمار آهن جيڪي نئين نسل کي رڳو علم ئي نه پر ڪردار،نظم ۽ ضبط، سوچڻ جي صلاحيت ۽ خود اعتمادي به فراهم ڪن ٿا. استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ناروروال ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي هر ڪاميابي پٺيان ڪنهن نه ڪنهن استاد جي محنت، رهنمائي ۽ تربيت شامل آهي. هن سڄي ملڪ جي استادن، خاص ڪري محدود وسيلن ۾ نئين نسل جي تعليم ۽ تربيت ۾ مصروف استادن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. احسن اقبال چيو ته امن، تعليم ۽ ترقي هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن، امن ٻارن کي سکڻ جوموقعو ڏي ٿو، تعليم نوجوانن لاءِ امڪان پيدا ڪي ٿي، جڏهن ته ترقي خاندانن کي بهتر مستقبل جي اميد فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون پاڪستان جي مستقبل جو بنياد آهن جڏهن ته ڪنهن به تعليمي اداري کي حقيقي معنائن ۾ عظيم ان جا استاد بڻائين ٿا. هن چيو ته مصنوعي ذهانت، خودڪار ٽيڪنالاجي ۽ موسمياتي تبديلي دنيا کي تيزي سان تبديل ڪري رهيا آهن ان لاءِ تعليمي نظام کي به مسقبل جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو. شاگردن کي صرف امتحان پاس ڪرڻ لاءِنه پر ايندڙ سالن جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير استادن تي زور ڀريو ته هو شاگردن ۾ سوال ڪرڻ، تحقيق ڪرڻ،شاهدين کي پرکڻ ۽ مسئلن جي حل جي صلاحيت پيدا ڪن. هن چيو ته مستقبل جي استادن کي پاڻ به سڄي زندگي سکڻ جو عمل جاري رکڻو پوندو، تدريس جي نون طريقن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ نئين دريافتن کان آگاهي استادن جي پيشيوراڻي ذميوارين جو اهم حصو آهي.










