پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ استادن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو

اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ استادن جو عالمي ڏهاڙو سومر ڏينهن 5 آڪٽوبر تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد استاد جي مقام، حقن ۽ مسئلن تي ڌيان ڏيارڻ آهي. استادن جو عالمي ڏهاڙو رسمي طور تي ملهائڻ وارو هڪ رسمي ڏينهن نه آهي پر ان جي پويان هڪ ڊگهي تاريخي جدوجهد ۽ عالمي تعليمي سوچ موجود آهي. 5 آڪٽوبر …

اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ استادن جو عالمي ڏهاڙو سومر ڏينهن 5 آڪٽوبر تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد استاد جي مقام، حقن ۽ مسئلن تي ڌيان ڏيارڻ آهي. استادن جو عالمي ڏهاڙو رسمي طور تي ملهائڻ وارو هڪ رسمي ڏينهن نه آهي پر ان جي پويان هڪ ڊگهي تاريخي جدوجهد ۽ عالمي تعليمي سوچ موجود آهي. 5 آڪٽوبر 1966ع تي پيرس ۾ هڪ خصوصي بين الحڪومتي ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ عالمي اداري محنت ۽ يونيسڪو، استادن جي حيثيت سان لاڳاپيل هڪ اهم سفارش منظور ڪئي هئي جنهن ۾ استادن جي حقن ۽ ذميوارين، شروعاتي تربيت ۽ وڌيڪ تعليم، ڀرتي، ملازمت ۽ تدريس ۽ تعليمي ماحول جي معيار سان لاڳاپيل اصول وضع ڪيا ويا جنهن جو مقصد سڄي دنيا ۾ استادن جي پيشي کي باقاعده حيثيت، ۽ ضروري تحفظ ڏيارڻ هو. 1994ع ۾ پهريون ڀيرو 5 آڪٽوبر تي استادن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو. استادن جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، غير سرڪاري، ۽ سماجي ادارن جي انتظام هيٺ مختلف پروگرامز ۽ تقريبن سميت پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به خاص پروگرامز شائع ۽ نشر ڪيا ويا.