اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن واري وفاقي وزير احد چيمه جي صدارت هيٺ چانورن جي پيداوار بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي عملدارن ٻڌايو ته رائيس پلانٽر جي استعمال سان پيداوار ۾ 15 سيڪڙو وڌا ۽ في ڪلو پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي ممڪن ٿي سگهندي، اجلاس ۾ پنجاب ۽ سنڌ سميت ملڪ جي وڏن چانور پيدا ڪندڙ علائقن ۾ …
وفاقي وزير احد چيمه پاران چانورن جي پيداوار وڌائڻ ۽ لاڳت گهٽ ڪرڻ لاءِ فزيبلٽي اسٽيڊي جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن واري وفاقي وزير احد چيمه جي صدارت هيٺ چانورن جي پيداوار بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي عملدارن ٻڌايو ته رائيس پلانٽر جي استعمال سان پيداوار ۾ 15 سيڪڙو وڌا ۽ في ڪلو پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي ممڪن ٿي سگهندي، اجلاس ۾ پنجاب ۽ سنڌ سميت ملڪ جي وڏن چانور پيدا ڪندڙ علائقن ۾ هن ٽيڪنالاجي جي امڪاني استعمال جو جائزو ورتو ويو، وزير فوڊ سيڪريٽري کي صوبائي حڪومتن سان مشاورت کانپوءِ فزيبلٽي اسٽيڊي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي، اسٽيڊي ۾ هن منصوبي جي معاشي افاديت، پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي جي امڪانن ۽ چانورن جي روانگي واپار تي پوندڙ اثرن جو جائزو ورتو ويندو. سينيٽر احد چيمه چيو ته جيڪڏهن اسٽيڊي ۾ هن منصوبي جو عمل جوڳو هجڻ ثابت ٿيو ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن جي سهڪار هن ۾ سيڙپ ڪندي. اسٽيڊي ۾ وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتن ۽ آبادگارن وچ ۾ خرچن جي ورهاست جو طريقيڪار به تجويز ڪيو وڃي. وفاقي وزير فوڊ واري سيڪريٽري کي صوبائي حڪومتن سان مشاورت ڪندي موزون آبادگارن جي نشاندهي ۽ لاڳاپيل چانور پيدا ڪندڙ علائقن ۾ رائيس پلانٽز جي منصفاڻي ورهاست لاءِ به چيو. هن رائيس ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان، انجنيئرنگ ڊولپمنٽ بورڊ، ٻين صوبائي اسٽيڪ هولڊرز ۽ رائيس پلانٽرز استعمال ڪندڙ نجي ڪمپنين سان به مشاورت جي هدايت ڪئي.









