وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه پاران ساهيوال ٽيچنگ اسپتال ۾ سوئي گئس ڪنيڪشن ٽي بي ايس جو افتتاح

اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي)غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه سومر ڏينهن ساهيوال ٽيچنگ اسپتال ۾ سوئي گئس ڪنيڪشن ٽي بي ايس جو افتتاح ڪيو. وزارت مان جاري بيان موجب افتتاحي تقريب ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته سوئي گئس ڪنيڪشن جي فراهمي سان ساهيوال ٽيچنگ اسپتال جي لانڊري سيڪشن، پريسنگ ۽ ٻين ضروري مسئلن ۾ خاطر خواهه سهولت ميسر ايندي، …

اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي)غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه سومر ڏينهن ساهيوال ٽيچنگ اسپتال ۾ سوئي گئس ڪنيڪشن ٽي بي ايس جو افتتاح ڪيو. وزارت مان جاري بيان موجب افتتاحي تقريب ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته سوئي گئس ڪنيڪشن جي فراهمي سان ساهيوال ٽيچنگ اسپتال جي لانڊري سيڪشن، پريسنگ ۽ ٻين ضروري مسئلن ۾ خاطر خواهه سهولت ميسر ايندي، انهن قدمن سان اسپتال ۾ صفائي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ مريضن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. افتتاح کانپوءِ وفاقي وزير اسپتال جي لانڊري سيڪشن جو به دورو ڪيو. ان موقعي تي ساهيوال ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر محمد اختر ۽ ايس ايم ساهيوال ٽيچنگ اسپتال کيس لانڊري جي انتظامن، ڪپڙن جي صفائي، پريسنگ ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.