اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمت ۾ گذريل هفتي دوران معمولي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. قومي شماريات اداري جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق پهرين آڪٽوبر تي ختم ٿيل هفتي دوران ملڪ جي اترئين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي قيمت 1566 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي 1533 رپين جي ڀيٽ ۾ 2.16 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن …
ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمت ۾ معمولي اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمت ۾ گذريل هفتي دوران معمولي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. قومي شماريات اداري جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق پهرين آڪٽوبر تي ختم ٿيل هفتي دوران ملڪ جي اترئين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي قيمت 1566 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي 1533 رپين جي ڀيٽ ۾ 2.16 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن مطابق ڄاڻايل هفتي دوران ملڪ جي ڏاکڻين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي ريٽيل قيمت 1547 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾0.01 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ملڪ جي مختلف اترئين شهرن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري ريٽيل قيمت اسلام آباد ۾ 1577، راولپنڊي 1549، سيالڪوٽ ۾ 1570، لاهور ۾ 1620، فيصل آباد ۾ 1570، پشاور ۾ 1591 رپيا ۽ بنون ۾ 1550 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي. ساڳئي طرح ڏاکڻين شهرن ۾ ڪراچي ۾ سيمينٽ جي في ٻوري قيمت 1471، حيدرآباد ۾ 1520، سکر 1610، لاڙڪاڻو 1523، ڪوئيٽا 1560 ۽ خضدار ۾ 1600 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي.










