خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان پُرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف علائقائي ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان پُرعزم آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پولينڊ جي وزير ڪائونسل آف منسٽرز جي ميمبر ۽ …

اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف علائقائي ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان پُرعزم آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پولينڊ جي وزير ڪائونسل آف منسٽرز جي ميمبر ۽ خصوصي خدمتن بابت ڪوآرڊينيٽر ٽوماش شيمونياڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ پولينڊ جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ان تاريخي دوستي کي ڊگهي مدي، مضبوط ۽ گهڻ رخي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازي رابطن جو جائزو وٺندي ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ اعلى سطحي قيادت جي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم يورپي يونين جي جي ايس پي پلس اسڪيم جي حوالي سان پاڪستان جي حمايت تي پولينڊ جا ٿورا ادا ڪيا ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندا. ملاقات دوران ڌرين اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن خاص طور تي وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم علائقائي ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏيندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجآءُ ڪيو.