بدين- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) بدين ضلعي ۾ سارين جو بمپر فصل آبادگارن لاءِ خوشي بدران عذاب بڻجي ويو آهي، رائيس مل مالڪن پاران مبينا ناجائز ڪٽوتين ۽ من پسند اگھن خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن جڏهن ته آبادگارن ان حوالي سان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي. بدين ۾ پاڻي جي کوٽ باوجُود سارين جو بمپر فصل لهڻ تي واپارين پاران هٿرادو اگهه گهٽ ڪري نقصان …
بدين ضلعي ۾ سارين جو بمپر فصل آبادگارن لاءِ خوشي بدران عذاب بڻجي ويو، رائيس مل مالڪن پاران مبينا ناجائز ڪٽوتين ۽ من پسند اگھن خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل

مزید خبریں
بدين- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) بدين ضلعي ۾ سارين جو بمپر فصل آبادگارن لاءِ خوشي بدران عذاب بڻجي ويو آهي، رائيس مل مالڪن پاران مبينا ناجائز ڪٽوتين ۽ من پسند اگھن خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن جڏهن ته آبادگارن ان حوالي سان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي. بدين ۾ پاڻي جي کوٽ باوجُود سارين جو بمپر فصل لهڻ تي واپارين پاران هٿرادو اگهه گهٽ ڪري نقصان ڏيڻ تي آبادگارن الزام هنيو آھي ته بااثر رائيس مل مالڪن مبينا طور ھڪ ھٽي قائم ڪري موئسچر جي آڙ ۾ سارين جي خريداري دوران ناجائز ڪٽوتيون شروع ڪري ڇڏيون آھن، جڏھن ته فصل جا من پسند اگهه مقرر ڪري آبادگارن جو معاشي استحصال ڪري رهيا آهن، آبادگارن موجب تعلقي ۾ سارين جو رڪارڊ فصل ٿيو آھي پر جئين ئي فصل مارڪيٽ ۾ پهتو ته رائيس ملرز مالڪن پاران سارين جي خريداري دوران مختلف بهانن سان ڪٽوتيون ڪيون پيون وڃن، آبادگار اڳواڻن جو چوڻ آھي ته مهانگو ٻج ڀاڻ زرعي دوائون ڊيزل ۽ پاڻي جي کوٽ جھڙين مشڪلاتن کي منهن ڏئي فصل تيار ڪيو آھي پر ھاڻي مناسب معاوضو ڏيڻ بدران سندن معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي. آبادگارن سنڌ جي وڏي وزير زراعت سيڪريٽري ۽ ڪمشنر حيدرآباد ڊپٽي ڪمشنر کان مطالبو ڪيو آھي ته سڄي ضلعي ۾ رائيس مل مالڪن پاران مبينا ناجائز ڪٽوتين جو فوري نوٽيس وٺي آبادگارن کان ٿيندڙ غير قانوني ڪٽوتيون بند ڪرايون وڃن، ھنن وڌيڪ مطالبو ڪيو ته سارين جو سرڪاري ۽ مناسب اگهه مقرر ڪري ان تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي ۽ آبادگارن کي سندن سارين جي فصل جو مناسب اگھ ڏنو وڃي جئين ته ھو معاشي بحران کان بچي سگھن ۽ ان حوالي سان فوري قدم کنيا وڃن.










