153 هين آءِ پي يو اسيمبلي، پاڪستان جو بنگلاديشي اميدوار جي ايگزيڪيٽو ميمبرشپ لاءِ مڪمل حمايت جو اعلان

اروشا/تنزانيه- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) جي 153 هين اسيمبلي جي موقعي تي ايشيا پيسفڪ جيوپوليٽيڪل گروپ جي اجلاس ۾ بنگلاديش جي اميدوار جشرت عاديب چوڌري جي آءِ پي يو ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ميمبرشپ لاءِ مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي قيادت ۾ پاڪستاني پارلياماني وفد بنگلاديشي اميدوار جي حمايت ڪندي خطي ۾ پارلياماني …

اروشا/تنزانيه- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) جي 153 هين اسيمبلي جي موقعي تي ايشيا پيسفڪ جيوپوليٽيڪل گروپ جي اجلاس ۾ بنگلاديش جي اميدوار جشرت عاديب چوڌري جي آءِ پي يو ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ميمبرشپ لاءِ مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي قيادت ۾ پاڪستاني پارلياماني وفد بنگلاديشي اميدوار جي حمايت ڪندي خطي ۾ پارلياماني تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ آءِ پي يو ۾ ايشيا پيسفڪ خطي جي موثر نمائندگي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. جشرت عاديب چوڌري ان کانپوءِ اڪثريتي ووٽ حاصل ڪندي آءِ پي يو جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ميمبرشپ حاصل ڪري ورتي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جشرت عاديب چوڌري ۽ بنگلاديشي پارلياماني وفد کي ڪاميابي تي مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان پنهنجي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان ايشيا پيسفڪ خطي جي پارليامينٽ وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ عالمي پارلياماني فورمز تي خطي جي اجتماعي آواز کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پارلياماني سفارتڪاري، ڳالهيون، گڏيل مفاهمت ۽ گڏيل علائقائي ۽ عالمي چئلينجز جي حل لاءِ تعاون کي هٿي ڏيڻ جو اهم ذريعو آهي.