اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته روانگي واپار ۾ مسلسل اضافو ملڪ لاءِ سٺو سنوڻ آهي ڇاڪاڻ ته ان سان نه صرف پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي جي آمدني ۾ اضافو ٿي رهيو آهي پر معيشت کي روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار ترقي طرف گامزن ڪرڻ ۾ به مدد ملندي آهي. سومر ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ …
روانگي واپار ۾ مسلسل اضافو ملڪ لاءِ سٺو سنوڻ آهي: خرم شهزاد

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته روانگي واپار ۾ مسلسل اضافو ملڪ لاءِ سٺو سنوڻ آهي ڇاڪاڻ ته ان سان نه صرف پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي جي آمدني ۾ اضافو ٿي رهيو آهي پر معيشت کي روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار ترقي طرف گامزن ڪرڻ ۾ به مدد ملندي آهي. سومر ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مالي سال جي پهرين 3 ماهي ۾ ملڪي روانگي واپار ۾ 10.8 سيڪڙو جو اضافو ۽ سيپٽمبر ۾ روانگي واپار ۾ ساليانو بنيادن تي 17.6 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. جولاءِ کان سيپٽمبر 2026ع دوران ملڪي شين جي روانگي واپار جو ڪاٿو 8.42 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان ئي مدي دوران 7.60 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ اٽڪل 82 ڪروڙ ڊالر وڌيڪ آهي. سيپٽمبر 2026ع ۾ ملڪي روانگي واپار 2.94 ارب ڊالر رهيو جيڪو گذريل سال سيپٽمبر ۾ 2.50 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ 17.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. آگسٽ 2026ع ۾ 2.53 ارب ڊالر روانگي واپار جي ڀيٽ ۾ سيپٽمبر ۾ ماهوار بنيادن تي به روانگي واپار ۾ 16.1 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هن چيو ته پهرين ٽه ماهي ۾ روانگي واپار ۾ اضافو مختلف اهم شعبن جي بهتر ڪارڪردگي سان ٿيو. ان عرصي دوران زرعي ۽ غذائي مصنوعات جي روانگي واپار ۾ ساليانو بنيادن تي 23 سيڪڙو، مينيوفيڪچرنگ، کاڻين ۽ توانائي جي شعبن ۾ 17 سيڪڙو جڏهن ته ٽيڪسٽائيل ۽ ڪپڙن جي روانگي واپار ۾ 6 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. خرم شهزاد چيو ته روانگي واپار ۾ مسلسل اضافو ملڪ لاءِ سٺي ڳالهه آهي ڇاڪاڻ ته ان سان نه رڳو مٽاسٽا جي ناڻي جي آمدني ۾ اضافو ٿي رهيو آهي پر معيشت جي روانگي واپار تي ٻڌل ۽ پائيدار ترقي طرف گامزن ڪرڻ ۾ به مدد ملي رهي آهي.










