اسلام آباد - 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي، ته پي ٽي آءِ ۽ صوبائي حڪومت جي لانگ مارچ کي پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪي پي ڪي جو عوام انهن جي مفادن واري سياست ۾ سندن مُهرو نه بڻجن، هنن اڄ تائين دهشتگردي جي مذمت ناهي ڪئي، ڪنهن شهيد جي گهر تعزيت ڪرڻ ناهن ويا، ان لانگ مارچ جو …
لانگ مارچ کي پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ نه ڏينداسين: انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي، ته پي ٽي آءِ ۽ صوبائي حڪومت جي لانگ مارچ کي پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪي پي ڪي جو عوام انهن جي مفادن واري سياست ۾ سندن مُهرو نه بڻجن، هنن اڄ تائين دهشتگردي جي مذمت ناهي ڪئي، ڪنهن شهيد جي گهر تعزيت ڪرڻ ناهن ويا، ان لانگ مارچ جو مقصد ٻڌائين ٿا ڇا آهي. جيڪڏهن خيبر پختونخوا جي عوام لاءِ وڏو وزير لانگ مارچ ڪري ٿو ته اسان حڪومت جو حصو هوندي به انهن سان گڏ آهيون جڏهن ته هي سياسي ۽ ذاتي مقصد لاءِ لانگ مارچ ڪري رهيا آهن. سومر ڏينهن ڪشمير ڪائونسل ۾ قومي اسيمبلي ميمبر ثمر هارون بلور، سينيٽر زاهد خان ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي امير مقام چيو ته پي ٽي آءِ خيبر پختونخوا ۾ ڦرلٽ ۾ مصروف آهي، لانگ مارچ ۽ احتجاج جي سياست سان پي ٽي آءِ پنهنجي ڪارڪردگي تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي. هي پارٽي پنهنجي ڪارڪنن کي احتجاج ۾ مصروف رکڻ چاهي ٿي. هن چيو ته دهشتگردي صرف خيبر پختونخوا ۾ ناهي پر پوري ملڪ جو مسئلو آهي. ڪي پي ڪي جي حڪومت نالي ڪا به شيءِ ناهي، گورنر راڄ سياسي طور تي ڪو سٺو فيصلو ناهي، هڪ طرف سياست آهي، ٻئي طرف رياست آهي، ڪي پي ۾ حڪومت جي ڪا به رٽ ناهي، خيبر پختونخوا ۾ حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ سٺا ماڻهو به آهن جڏهن ته وزيراعليٰ سميت ڪجهه ماڻهو اقتدار ۽ احتجاج کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، انهن پاران دهستگردن خلاف نرم رويو نقصانڪار آهي، ان سان ڪي پي ڪي جي عوام ۽ سياسي مخصوص پارٽين جو نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ڳالهين جي عمل دوران حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا هئا، چار ڀيرا مسودو تيار ٿيو پوءِ ان کي گڏيل طور تي جاري ڪرڻ تي به اتفاق ٿيو جنهن کان پوءِ وري وزيراعليٰ خيبر پختونخوا لانگ مارچ جاري رکڻ جو اعلان ڪري ان مسودي جي لتاڙ ڪئي. پنهنجي سياست کي زنده رکڻ لاءِ هي ماڻهو احتجاج جو رستو اختيار ڪري ويٺا آهن، عوام کي اپيل آهي ته هو انهن جو مُهرو نه بڻجي. هن واضح ڪيو ته دهشتگردن لاءِ نرم رويو رکڻ سان انهن جو خاتمو ممڪن ناهي. انهن جي خاتمي لاءِ سڀني کي هڪ پيج تي بيهڻو پوندو. هن چيو ته اڄ تائين وزيراعليٰ کُلي دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ناهي ڪئي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ جان جي قرباني ڏيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي گهر ڀاتين سان تعزيت ڪرڻ ناهن ويا. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندن دل دهشتگردن لاءِ ڪيتري نرم آهي، اهي پنهنجي علائقي ۾ جڏهن چاهين وڃي سگهن ٿا پر ٻئي پاسي اهي ماڻهو پنهنجي پيارن جي جنازن ۾ به نٿا وڃي سگهن.










