اسلام آباد - 05 آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 1200 روپيا اضافي سان 4 لک 37 هزار 536 روپيا في تولو ٿي وئي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن مطابق سومر تي سون جي في تولي قيمت ۾ 1200 روپيا اضافو ٿيو جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 1029 روپين جي اضافي کان پوءِ 374087 روپين مان وڌي 375116 روپيا …
سون جي قيمت ۾ 1200 روپيا في تولو اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 1200 روپيا اضافي سان 4 لک 37 هزار 536 روپيا في تولو ٿي وئي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن مطابق سومر تي سون جي في تولي قيمت ۾ 1200 روپيا اضافو ٿيو جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 1029 روپين جي اضافي کان پوءِ 374087 روپين مان وڌي 375116 روپيا ٿي وئي. 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 342925 روپين مان وڌي 343868 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولو چاندي جي قيمت 66 روپين جي اضافي کان پوءِ 6588 روپيا ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 57 روپيا اضافي کان پوءِ 5648 روپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4138 ڊالر مان وڌي 4150 ڊالر ٿي وئي.










