لاڙڪاڻو پوليس جون اشتهاري، روپوش ۽ منشيات فروشي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائيون جاري، 14 جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس جون اشتهاري، روپوش ۽ منشيات فروشي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائيون جاري آهن. ڪارروائين دوران مختلف هنڌن تان 14 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار، منشيات ۽ چوري ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي. پوليس ترجمان موجب رتوديرو پوليس اسٽيڊيم واري علائقي مان منشيات فروش جوابدار مظهر عرف مڪڙي سيانچ کي هڪ ڪلو 44 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو …

لاڙڪاڻو- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس جون اشتهاري، روپوش ۽ منشيات فروشي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائيون جاري آهن. ڪارروائين دوران مختلف هنڌن تان 14 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار، منشيات ۽ چوري ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي. پوليس ترجمان موجب رتوديرو پوليس اسٽيڊيم واري علائقي مان منشيات فروش جوابدار مظهر عرف مڪڙي سيانچ کي هڪ ڪلو 44 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. سچل پوليس منشيات فروش جوابدار نثار ميربحر کي هڪ ڪلو 30 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو. ڌامراهه پوليس منشيات فروش جوابدار عرفان جوڻيجو کي هڪ ڪلو 200 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو. سول لائينز پوليس چوري ۽ ڌاڙي جهڙن سنگين ڪيسن ۾ ملوث ۽ روپوش جوابدار شيراز ڪنگو کي گرفتار ڪري ورتو. وارث ڏنو ماڇي پوليس چوري ڪيس ۾ اشتهاري جوابدار نياز پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو .آريجا پوليس پوليس مقابلي جي ڪيس ۾ اشتهاري جوابدار شاهنواز بروهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سچل پوليس هڪ ٻئي منشيات ڪيس ۾ ملوث جوابدار ظفر بروهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ٻئي طرف سچل پوليس شهري دانش قريشي جي چوري ٿيل موٽر سائيڪل 24 ڪلاڪن اندر هٿ ڪري ورتي آهي. باقراڻي پوليس قتل ڪيس ۾ ملوث ٻن جوابدارن ديدار ابڙو ۽ واحد بخش ابڙو کي هڪ بندوق ۽ هڪ پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. هٽڙي غلام شاهه پوليس قتل ڪيس ۾ اشتهاري جوابدار روشن جتوئي کي 30 بور پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. علي گوهر آباد پوليس ڦل روڊ واري علائقي مان منشيات ۾ ملوث چئن جوابدارن اسحاق، سعيد، فتح محمد ۽ رياض جاگيراڻي کي منشيات ۽ شراب سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.