لاڙڪاڻو- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازي جي ھدايتن تي ڏوھن ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائيون جاري آهن. چوري ڪيس ۾ اشتهاري جوابدار گرفتار، چوري ٿيل بجلي جي وائر هٿ ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس ترجمان موجب ايس ايڇ او ٿاڻو گاجي کهاوڙ سب انسپيڪٽر ارباب علي وڌو اسٽاف سان گڏ گشت دوران ڳجهو اطلاع اطلاع تي ملاڻو سم شاخ ويجهو …
ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ جي ھدايتن تي ڏوھن ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائيون جاري

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازي جي ھدايتن تي ڏوھن ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائيون جاري آهن. چوري ڪيس ۾ اشتهاري جوابدار گرفتار، چوري ٿيل بجلي جي وائر هٿ ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس ترجمان موجب ايس ايڇ او ٿاڻو گاجي کهاوڙ سب انسپيڪٽر ارباب علي وڌو اسٽاف سان گڏ گشت دوران ڳجهو اطلاع اطلاع تي ملاڻو سم شاخ ويجهو ڪاروائي ڪندي نصيرآباد ٿاڻي جي حد ۾ چوري ڪيس ۾ اشتهاري جوابدار مختيار کوسو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان چوري ٿيل بجلي جي وائر هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.











